Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ذريعي اهلڪارن جي ترقي، ايس ايس پي دادو پاران رينڪ لڳائڻ واري تقريب جو انعقاد
ضلع دادو پوليس
پريس ريليز۔ 6/4/2026
*دادو: ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي ذريعي اهلڪارن جي ترقي، ايس ايس پي دادو پاران رينڪ لڳائڻ واري تقريب جو انعقاد*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پاران نون عهدن تي ترقي ماڻيندڙ اهلڪارن لاءِ ايس ايس پي آفيس دادو ۾ رينڪ لڳائڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي
تقريب دوران ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن عبدالغني رند سان گڏ نون پروموٽ ٿيل آفيسرن کي رينڪ لڳايا ۽ ان موقعي تي ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو
تقريب ۾ هيڊ ڪلارڪ عاصم جمالي ۽ پرسنل سيڪريٽري ٽو ايس ايس پي دادو ساجد حسين ميمڻ سميت ٻيا پوليس آفيسر پڻ موجود هئا
واضح رهي تہ ضلعي دادو جي 21 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن (ASIs) کي سب انسپيڪٽر (SI) جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي، جڏهن ته 7 هيڊ ڪانسٽيبلن کي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI) جي عهدي تي پروموٽ ڪيو ويو آهي
ان موقعي تي ايس ايس پي دادو چيو ته پروموٽ ٿيندڙ سڀني اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو اداري ۾ ميرٽ جي بنياد تي ترقيءَ جو سلسلو جاري رهڻ سان اهلڪارن جو حوصلو بلند ٿيندو، ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي گهرجي ته هو پنهنجا فرض وڌيڪ محنت، ايمانداري ۽ پيشہ ورانہ صلاحيتن سان سرانجام ڏين تہ جيئن عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن.