Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جي ميهڙ ۾ ڪامياب ڪاروائي، 3 ڏينهن اڳ گهر مان لکين رپين جي چوري ڪندڙ چور گرفتار، چوری ٿيل روڪ رقم ۽ سونا زيور هٿ
ضلع دادو پوليس
مورخہ: 4/10/2025
*دادو پوليس جي ميهڙ ۾ ڪامياب ڪاروائي، 3 ڏينهن اڳ گهر مان لکين رپين جي چوري ڪندڙ چور گرفتار، چوری ٿيل روڪ رقم ۽ سونا زيور هٿ*
ٽي ڏينھن اڳ ميهڙ جي اسلام آباد محلي ۾ واپاري زاهد علي شيخ جي بند گهر مان چوري جي واردات رپورٽ ٿي هئي
واقعي جي اطلاع تي يڪدم ڊي ايس پي ميهڙ معشوق علي ڪيريو ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن عبدالوحيد پنھور واقعي واري هنڌ پهچي ڪرائيم سين جو جائزو ورتو ۽ جاچ شروع ڪئي،
جاچ دوران حاصل ٿيل سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ پيشيواراڻا مهارت سان پوليس واردات ۾ ملوث چور جو 24 ڪلاڪن اندر پتو لڳائي ورتو،
چوري ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ مسڪين ولد سيتا رام باگڙي جي نالي سان ٿي، پوليس ڪاروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي،
گرفتار جوابدار جي نشاندهيءَ تي پوليس چوري ٿيل روڪ 1 لک 80 هزار رپيا، 650 سعودي ريال ۽ سون جا ٽاپس هٿ ڪيا آھن.
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي هن ڪامياب ڪاروائي تي ڊي ايس پي ميهڙ ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن عبدالوحيد پنهور، سي آء اي انچارج بشير احمد لاکير، سوڍل سولنگي سميت پوليس ٽيم کي شاباشي ڏني آهي،
ايس ايس پي دادو چيو تہ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پهرين ترجيح آهي، ڏوهاري ڪنهن بہ صورت قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا.
ٻئي پاسي گھر ڌڻي زاھد علي شيخ پاران پوليس ڪاروائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي پوليس ٽيم جي واکاڻ ڪئي ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندي ھار پڻ پارايا.