Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي منشيات ڊيلرن/سپلائرن خلاف ڪاروايون جاري

ضلَع دادو پوليس

مورَخُو: 9/5/2025

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي منشيات ڊيلرن/سپلائرن خلاف ڪاروايون جاري*

*دادو ۽ ڀرُ وارن علائقن ۾ ڇاپا، 2 منشيات سپلائر گرفتار، منشيات به هٿ ڪئي وئي*

انچارج سي آءِ اي دادو سجاد علي جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس پاران دادو اي سيڪشن ۽ ڦلجي وليج ٿاڻن جي حدن ۾ ڇاپا هنيا ويا،

دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان گٽڪا سوپارين جي ڊيلر محمد عادل ولد مشتاق احمد آرائين کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار وٽان زيڊ ايڪھ گٽڪا سوپارين جا 20 پيڪٽ ۽ سفينا گٽڪا سوپارين جا به 20 پيڪٽ هٿ آيا. جوابدار خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏھن تہ ٻئي طرف،

سي آءِ اي پوليس ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪندي منشيات فروشن جي فهرست ۾ شامل منشيات ڊيلر وسيم ولد يونس جمالي کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آھي، جوابدار خلاف فلجي وليج ٿاڻي تي سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.