Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جو ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ سرچ آپريشن، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 4/6/2025

*دادو پوليس جو ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ سرچ آپريشن، ڪيترائي شڪي ماڻهو گرفتار*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي هدايتن تي سب ڊويزن دادو جي ڪچي ۽ پڪي وارن مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو.

ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ دادو سرڪل جي ايس ايڇ اوز پوليس جي وڏي نفري ساڻ سرچ آپريشن ۾ حصو ورتو

موندر، اسماعيل جا ڀاڻ، ڦلجي لنڪ روڊ، ببر چارو، دوداڻي شاخ ۽ جوهي ڀرسان قاسم آباد ۽ ڇنڊڻ جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڏوهارين جي ممڪنہ ٺڪاڻن ۽ بيٺڪن کي سرچ ڪيو ويو.

سرچ آپريشن دوران ڄاڻايل علائقن جي اچ وڃ وارن رستن کي سيل ڪري مشڪوڪ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي

سرچ آپريشن دوران 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، جڏهن ته ڪجھ مشڪوڪ موٽرسائيڪلون به تحويل ۾ ورتيون ويون آهن جن بابت وڌيڪ جاچ ۽ رڪارڊ جي تصديق ڪئي پئي وڃي

سرچ آپريشن جو مقصد امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ خاص طور موٽرسائيڪل ڦر/چوري ۾ ملوث منظم گروھن جو گهيرو تنگ ڪرڻ آهي، سماج دشمن عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ضلعي اندر ٽارگيٽيڊ آپريشن وڌيڪ جاري رهندا.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.