Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ڪي اين شاه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ پنھنجي 2 ساٿين سميت گرفتار*
ڪي اين شاه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ پنھنجي 2 ساٿين سميت گرفتار*
ڪي اين شاه ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ جو پوليس پارٽي سان گڏ گشت دوران لولجا اسٽاپ ويجهو ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربند ڦورن سان مقابلو ٿيو،
مقابلي دوران هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته حڪمت عملي تحت زخمي ڦورو جي ٻن ساٿين کي به موقعي تي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو
زخمي ڦورو کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين ٻنهي جوابدارن کي تحويل ۾ وٺي ڪي اين شاھ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو،
جوابدارن وٽان هٿيار پڻ هٿ آيا، ٽي پسٽل ۽ هڪ موٽرسائيڪل جوابدارن کا هٿ ڪئي وئي آھي،
زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي سڃاڻپ ڪاشف ولد يار محمد هنگورو طور ٿي آهي،
جڏهن ته حراست ۾ ورتل ٻين ٻن جوابدارن جي سڃاڻپ دلبر عرف دلو ميربحر ۽ سڄڻ عرف ڪارو لغاري طور ٿي آهي،
ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته جوابدار بين الضلاعي ڏوهاري گينگ جا رڪن آهن،
حاصل ٿيل ڪرمنل رڪارڊ مطابق ڏوھارين خلاف ڪراچي، حيدرآباد، قمبر ۽ دادو جي مختلف ٿاڻن تي موٽرسائيڪل چوري، ڦر ۽ پوليس مقابلن جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ پوليس کي گهربل هئا،
جڏھن تہ ڪي اين شاھ ٿاڻي تي جوابدارن خلاف پوليس مقابلي ۽ اسلحہ ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،
ڪرمنل رڪارڊ -
جوابدار دلبر عرف دلو ولد مير ميربحر:
1. ڪرائم نمبر 25/2021، دفعا 420، 520 ت.پ، ٿاڻو ڪينٽ حيدرآباد
2. ڪرائم نمبر 481/2021، دفعا 397، 34 ت.پ، ٿاڻو عوامي ڪالوني ڪورنگي ڪراچي
3. ڪرائم نمبر 5/2022، دفعا 379 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ دادو
4. ڪرائم نمبر 56/2022، دفعا 341، 147، 149، ٿاڻو ڪڪڙ
5. ڪرائم نمبر 52/2022، دفعا 401، 399، ٿاڻو ڪڪڙ
6. ڪرائم نمبر 21/2023، دفعا 397 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
7. ڪرائم نمبر 20/2022، دفعا 379 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
8. ڪرائم نمبر 217/2023، دفعا 366A، 452، 148، 149 ت.پ، ٿاڻو قمبر سٽي
9. ڪرائم نمبر 44/2023، دفعا 324، 353، 401، 399 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
10. ڪرائم نمبر 7/2024، دفعا 379 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
11. ڪرائم نمبر 63/2024، دفعا 397، 337Hii، 34 ت.پ، ٿاڻو ڪي اين شاهه
12. ڪرائم نمبر 3/2024، دفعا 379 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
13. ڪرائم نمبر 22/2019، دفعا 147، 148، 149 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
ڪرمنل رڪارڊ - زخمي حالت ۾ گرفتار ڪاشف هنگورو:
1. ڪرائم نمبر 22/2022، دفعا 381A، 34 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
2. ڪرائم نمبر 25/2020، دفعا 353، 147، 148، 504 ت.پ، ٿاڻو ڪڪڙ
3. ڪرائم نمبر 6/2025، دفعا 397 ت.پ، ٿاڻو دادو بي سيڪشن
4. ڪرائم نمبر 10/2025، دفعا 397 ت.پ، ٿاڻو ڪي اين شاهه