Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي پاران ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، پوليس ڪارڪردگي، رمضان المبارڪ دوران حفاظتي انتظامن ۽ ٽريفڪ ضابطن تي عملدرآمد سميت ٻين محڪمانہ معاملن جي سلسلي ۾ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي وئي

ضلع دادو پوليس

27 فيبروري 2025ع

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي پاران ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، پوليس ڪارڪردگي، رمضان المبارڪ دوران حفاظتي انتظامن ۽ ٽريفڪ ضابطن تي عملدرآمد سميت ٻين محڪمانہ معاملن جي سلسلي ۾ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي وئي*

گڏجاڻي ۾ سمورا ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز، ڊي ايس پي ليگل، انچارج ٽريفڪ، انچارج مددگار 15، انچارج ڊي آءِ بي ۽ آفيس جي هيڊ آف برانچز شرڪت ڪئي.

ايس ايس پي دادو ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ مجموعي پوليس ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ان سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو سڀني فيلڊ آفيسرن کي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي کين مؤثر پوليسنگ، گشت، چيڪنگ، پڪٽنگ ۽ ڏوهارين خلاف ڪاروايون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون،

ايس ايس پي دادو گڏجاڻي ۾ شريڪ آفيسرن کي آءِ جي پي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج پاران ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪارواين، ٻُڌڻ جوڳي ڏوهن جون ايف آءِ آر داخل ڪرڻ، انويسٽيگيشن دوران ايندڙ خرچن جي ادائيگي، منشيات جي روڪٿام، اشتهاري ۽ روپوش ڏوھارين جي گرفتاري ۽ رمضان المبارڪ دوران سيڪيورٽي انتظامن بابت جاري ڪيل هدايتن کان آگاھ ڪيو ۽ سڀني پوليس آفيسرن کي انهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

ايس ايس پي امير سعود مگسي ڪيسن جي جاچ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ فيلڊ آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪندي چيو ته قانوني گهرجن تحت ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري وقت سر ڪيس عدالتن ۾ پهچايا وڃن ته جيئن انصاف جي بھتري ٿئي.

ايس ايس پي دادو رمضان المبارڪ جي سلسلي ۾ سڀني فيلڊ آفيسرن کي متحرڪ رهڻ جون خاص هدايتون ڏنيون

ايس ايس پي دادو چيو ته رمضان المبارڪ دوران سڀني آفيسرن ۽ اهلڪارن جون ايمرجنسي کانسواءِ سڀ موڪلون رد رهنديون، امن قائم رکڻ لاءِ جوڳا حفاظتي انتظام ڪيا وڃن

ايس ايس پي دادو تراويح نماز دوران مسجدن تي پوليس نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي

سڀني ايس ايڇ اوز کي افطار، سحري ۽ تراويح نماز جي وقتن تي روڊن تي موجود رهڻ ۽ پوليس گشت وڌائڻ جي هدايت ڏني وئي

پوليس آفيسرن کي رمضان المبارڪ دوران بازارن ۽ ٻين خريداري مرڪزن تي مرد توڙي عورت پوليس اهلڪارن جي مقرري وڌائڻ سان گڏوگڏ انٽري ايگزٽ پوائنٽن تي چيڪنگ جو تسلسل جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو

ايس ايس پي دادو سڀني ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي رمضان المبارڪ ۾ سيڪيورٽي انتظامن بنسبت علائقي جي واپارين دوڪاندارن، مذهبي اڳواڻن ۽ امن ڪاميٽي جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪرڻ جي به هدايت ڪئي

ايس ايس پي دادو تمام ايس ڊي پي اوز کي پنهنجي سرڪل ۾ ڪيل سمورن حفاظتي انتظامن جي چڱي نموني نگراني رکڻ سميت مليل ھدايتن تي فيلڊ ۾ مڪمل عمل درآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.