Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

شهيدن جي قربانين کي سلام.. ايس ايس پي دادو پاران عيد جي موقعي تي شهيدن جي گهر آمد

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 5/6/2025

*شهيدن جي قربانين کي سلام.. ايس ايس پي دادو پاران عيد جي موقعي تي شهيدن جي گهر آمد*

عيد خوشين جو تهوار آهي ۽ ان خوشيءَ جي موقعي تي، پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيڻ وارن عظيم سپوتن کي ياد ڪندي سنڌ پوليس پاران خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي شهيد اهلڪارن جي گهرن وڃي شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪئي، سندن ٻارن کي عيدي جا چيڪ، مٺايون ۽ تحفا ڏنا.

ايس ايس پي دادو شهيدن جي خاندانن کي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو صاحب جو خاص پيغام ڏيندي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ چيو تہ:

شهيد اسان جو شان آهن، انهن جي قربانين سبب اڄ امن قائم آهي۔

ايس ايس پي دادو شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو تہ سنڌ پوليس پنهنجن هيروز کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿي سگهي شھيدن جي پوئينرن جي ڀلائي ۽ ويلفيئر لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.

ان موقعي تي ويلفيئر ڊيسڪ جا فوڪل پرسن بہ ايس ايس پي صاحب سان گڏ هئا، جن کي ملازمن جي ويلفيئر بابت ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون.

هي قدم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو صاحب جي هدايتن تي کنيو ويو، جنهن جو مقصد شهيدن جي خاندانن کي اهو احساس ڏيارڻ آهي ته هو اڪيلا نه آهن پوليس فورس هر وقت سندن گڏ آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.