Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پولیس جي ڪاروائي ڦلجي روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيورن کان ڦر ڪندڙ گينگ گرفتار، ھٿيار، ڦر ٿيل رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان برآمد
ضلع دادو پوليس
28 جنوري 2025ء
*دادو پولیس جي ڪاروائي ڦلجي روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيورن کان ڦر ڪندڙ گينگ گرفتار، ھٿيار، ڦر ٿيل رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان برآمد*
دادو لڳ ڦلجي-پيارو لنڪ روڊ تي مسافرن کان ڦرلٽ ڪندڙ ڏوھارين خلاف ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي سرچ آپريشن ۽ ڇاپا مار ڪاروايون ڪيون ويون
ان ڏس ۾ ڊي ايس پي سٽي/رڪڻ محمد صادق اوڍو جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ڦلجي اسٽيشن منظور احمد مستوئي سپاھ سميت ڦلجي اسٽيشن لڳ ڪاروائي ڪري ٻہ ھٿياربند ڦورو مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتا آھن
گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ حبدار ولد ابوبڪر عرف بکر پنھور ۽ خان محمد ولد غلام پنھور جي نالن سان ٿي آھي
جوابدارن وٽان ھڪ پستول، ھڪ رپيٽر زندھ گوليون ۽ ڪارتوس برآمد ٿيا آهن
ان کان علاؤہ جوابدارن جي قبضي منجھان ڪجھ ڏينھن اڳ ڦلجي-پيارو لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيورن کان ڦر ڪيل 3 موبائل فون، 23000 روپيا روڪ رقم ۽ پرس وغيرہ پڻ ھٿ ڪيا ويا آهن
برآمد ڪيل ڦر جي رقم ۽ ٻيو سامان اصل مالڪن حوالي ڪيو ويو آهي جنھن تي شھرن پاران ايس ايچ او ڦلجي اسٽيشن ۽ ٽيم کي ھار پارائي سندن حوصلا افزائي پڻ ڪئي وئي.
جڏھن تہ گرفتار جوابدار حبدار ۽ خان محمد پنھور عادي ڏوھاري آھن جن خلاف اڳ پڻ مختلف ڏوھن جا ڪيس داخل ٿيل آھن
ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي گرفتار جوابدارن ۽ سندن گينگ ۾ شامل ٻين ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي
ڪرمنل رڪارڊ:
1. FIR#.23/2015 u/s 337AiFi, 506/2, 447, 114, 147, 148, 149 PPC PS Rukkan
2. FIR#. 57/2015 u/s 324, 337Hii, 504, 147, 148, 149 PPC PS Rukkan
3. FIR#. 25/2023 u/s 402, 399 PPC PS Phulji Station
4. FIR#. 13/2024 u/s 457, 380, 215 PPC PS Phulji Station
5. FIR#.57/2015 u/s 324, 337Hii, 504, 147, 148, 149 PPC PS Rukkan
6. FIR#. 5/2025 u/s 324, 399, 401, 399 PPC PS Phulji Station
7. FIR#. 6/2025 u/s 25 SAA PS Phulji Station
8. FIR#. 7/2025 u/s 25 SAA PS Phulji Station