Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو لڳ ڪچي واري علائقي ۾ سي آء اي پوليس جي ڪاروائي ڪيترن ئي ڏوھن ۾ ملوث 3 اشتھاري ڏوھاري گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 10/1/2025

*دادو لڳ ڪچي واري علائقي ۾ سي آء اي پوليس جي ڪاروائي ڪيترن ئي ڏوھن ۾ ملوث 3 اشتھاري ڏوھاري گرفتار*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي گھربل اشتھاري ڏوھارين خلاف ڇاپن ۽ سرچ آپريشن جو سلسلو جاري آهي

دادو ۾ انچارج سي آء اي انسپيڪٽر بينظير جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ سي آء اي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري انتھائي گھربل ٽن اشتھاري ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتار جوابدارن ۾ اشتھاري ڏوھاري قاسم عرف قائم شاھاڻي، لکمير شاھاڻي ۽ اشتھاري ڏوھاري يختيار عرف ڏاڏو شاھاڻي شامل آهن

گرفتار جوابدار عادي ڏوھاري آھن چوري، ڦر، ڪوشش خون، پوليس مقابلن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڏوھن ۾ ملوث رھيا آھن

ٽئي جوابدار 6 ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھئا جڏھن تہ مختلف ٿاڻن تي داخل گڏيل طور 25 ڪيسن ۾ اڳ پڻ چالان ٿي چڪا آهن.

*POs in:*

1) FIR#.7/2024.u/s 324, 353, 147, 148 114 PS Ismail Ja Bhan

2) FIR#. 5/2024 u/s 324, 353 PPC PS Ismail Ja Bhan

3) FIR#. 4/2023 u/s 355, 506/2, 147, 148, 403 PPC PS Ismail Ja Bhan

4) FIR#. 2/2023 u/s 324, 147, 148, 114, 452 PPC PS Ismail Ja Bhan

5) FIR#. 3/2023 u/s 436, 337Hii PPC PS Ismail Ja Bhan

6) FIR#. 271/22 u/s 380, 457 PPC PS A/Sec Dadu


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.