Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ٻٽي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس ٻن مُک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 21/5/2025
*ٻٽي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس ٻن مُک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*
ميهڙ ويجهو چار ڏينهن اڳ رشتيداري جي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ نياڻي سپنا جانوري ۽ 27 ورهين جي خالد حسين سولنگي جي قتل جڏھن تہ نوجوان معشوق سولنگي جي زخمي ٿيڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
ان ڏس ۾، ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ايس ايچ او ٿرڙي محبت عبدالغفار پنھور جي اڳواڻي ۾ پوليس پاران ڪاروائي ڪندي *ڪيس ۾ نامزد ٻہ مک جوابدار زاهد جانوري ۽ فياض جانوري گرفتار ڪيا ويا آھن،*
جڏھن تہ ھن واقعي جو ڪيس مقتول خالد حسين جي والده جي فرياد تي گناھ نمبر 25/2025 قلم 302، 311، 324، 147، 148، 149، 504 تحت ٿرڙي محبت ٿاڻي تي داخل ڪيل ۽ جاچ هيٺ آهي.
پوليس طرفان انصاف فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آندا پيا وڃن جلد ئي وڌيڪ اڳڀرائي متوقع آهي.