Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ضلعي دادو ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت، 400 اضافي اهلڪار مقرر، ايس ايس پي دادو پاران حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ شھر جو اوچتو دورو، غفلت ڪندڙن خلاف ايڪشن، وڌيڪ هدايتون جاري

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 2/6/2025

*عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ضلعي دادو ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت، 400 اضافي اهلڪار مقرر، ايس ايس پي دادو پاران حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ شھر جو اوچتو دورو، غفلت ڪندڙن خلاف ايڪشن، وڌيڪ هدايتون جاري*

عيدالاضحيٰ ۽ مھيني جي پھرين ڏينهَن دوران ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي، ضلعي پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن۔

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي خاص هدايتن تحت بئنڪن، مال پڙين، مارڪيٽن ۽ ٻين ڪاروباري هنڌن تي حفاظتي اپاءُ وٺندي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن تہ شھر اندر موٽر سائيڪل گشت ۾ پڻ نمايان واڌ ڪئي وئي آهي۔

ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز پنهنجن علائقن ۾ بئنڪن جو دورو ڪيو ۽ بئنڪ عملي سان ملاقات ڪري سيڪيورٽي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي۔ بئنڪن ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي فعال رکڻ ۽ سيڪيورٽي گارڊز جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي۔

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي پاڻ به شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جو گشت ڪري، مال پڙين، بئنڪن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪيل حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو

ايس ايس پي دادو شھر وزٽ دوران پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ ايس ايڇ اوز کي فيلڊ ۾ موجودگي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو

ايس ايس پي دادو داخلي رستن تي قائم چيڪنگ پوائنٽن جو پڻ جائزو ورتو جتي غفلت جي مرتڪب ٻن اهلڪارن کي ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ڪيو آر ايف انچارج منظور ڀنڊ جي ٻن سالن جي سروس ضبط ڪرڻ جا ايس ايس پي دادو حڪم جاري ڪيا.

ايس ايس پي دادو ٽرئفڪ پوليس کي بہ شھر ۾ وڌيڪ متحرڪ ۽ فعال رهڻ جي هدايت ڪئي تہ جيئن شهرين کي اچ وڃ ۾ ڪا به تڪليف پيش نه اچي۔

ياد رهي تہ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ضلعي ۾ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 400 اهلڪارن تي مشتمل اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ هڪ خاص سيڪيورٽي پلان تي عمل شروع ڪيو ويو آهي۔


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.