Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي آفيس دادو ۾ اينٽي ريپ-انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل ايڪٽ 2021 بابت آگاهي سيمينار منعقد
ضلع دادو پوليس
پريس رليز- 14/4/2025
*ايس ايس پي آفيس دادو ۾ اينٽي ريپ-انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل ايڪٽ 2021 بابت آگاهي سيمينار منعقد*
جنسي زيادتين خلاف جوڙيل قانون اينٽي ريپ-انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل ايڪٽ 2021 بابت ايس ايس پي آفيس دادو جي ڪانفرنس هال ۾ اهم آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڊي ايس پي، ايس ايڇ اوز، ڪيسن جي جاچ آفيسرن (I/Os)، ٿاڻن جي وڏن منشين ۽ ليڊي پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.. جڏهن ته ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي پڻ سيمينار ۾ موجود هئا۔
سيمينار جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي جنسي زيادتي خلاف جوڙيل قانون جي اهم شقن، جاچ جي جديد گهُرجن، ثبوتن کي محفوظ ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهمي جي مؤثر طريقيڪار بابت آگاھ ڪرڻ هو
سيمينار ۾ معزز مقررين ضلعي پبلڪ پراسيڪيوٽر اڪرم احمد شيخ، اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل فياض احمد جتوئي، اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر عبد الستار ميمڻ، ۽ ڊي ايس پي ليگل سيد پناھ علي شاھ خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي ڄاڻايل قانون بابت آگاھي فراھم ڪئي
مقررين اينٽي ريپ ايڪٽ 2021 جي قانوني پهلوئن، جاچ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن، پراسيڪيوشن جي ڪردار ۽ ڪيسن کي مؤثر انداز سان هلائڻ لاءِ ضروري معاملن تي روشني وڌي
سيمينار دوران زيادتي جي ڪيسن جي حوالي سان سابقہ تجربن دوران درپيش مشڪلاتن ۽ انهن جي حل بابت به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن پنهنجا مشاهدا ۽ عملي تجربا بيان ڪيا، جن مان ٻين آفيسرن کي فائديمند ڄاڻ حاصل ٿي
ان موقعي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهڙن قانونن تي مڪمل عملدرآمد سان نه رڳو مظلومن کي وقت سر انصاف ملي سگهي ٿو، پر ان سان عوام جو انصاف جي نظام تي اعتماد به بحال ٿيندو۔ هن پوليس آفيسرن تي زور ڀريو ته هو هن قانون بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪن ته جيئن جاچ کي مؤثر ۽ منصفاڻو بڻائي سگهجي۔
سيمينار جي آخر ۾ سوالن ۽ جوابن جو به سيشن ٿيو جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن قانون بابت مختلف موضوعن تي ماهرن کان رهنمائي حاصل ڪئي۔
آخر ۾ شرڪت ڪندڙن کي اينٽي ريپ-انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل ايڪٽ 2021 جا دادو پوليس طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپرايل ڪتاب بہ مهيا ڪيا ويا ته جيئن هو هن قانون کي چڱيءَ طرح سمجهي، ۽ پنهنجي عملي ڪم ۾ ان کي مؤثر نموني لاڳو ڪري سگهن