Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي هدايتن تي منشيـات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري،

ضلع دادو پوليس

پريس رلیز- 3/5/2025

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي هدايتن تي منشيـات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري،

*دادو، ميهـڙ ۽ خيرپور ناتھن شاھ ۾ ڪامياب ڪاروايون، وڌيڪ 5 منشيات ڊيلر گرفتار، آئس، شراب ۽ 3 ڪلو کان مٿي چرس هٿ*

(1) خيرپورناٿن شاھ ۾ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ غلام حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي *آئس ڊيلر عبدالفتاح ولد عبدالرحمٰن عرف چمڙو کي گرفتار ڪري ورتو.*

گرفتار ٿيل جوابدار وٽان 33 گرام آئس هٿ ڪئي وئي آھي، جوابدار خلاف سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

جڏھن تہ

👈 گرفتار جوابدار عبدالفتاح ٻگھيو ۽ سندس والد عبدالرحمٰن عرف چمڙو تعليمي ادارن جي آس پاس منشيات وڪرو ڪرڻ جي ڪُڌي ڪاروبار ۾ ملوث هئا،

👈 ٻئي پيءُ پٽ علائقي جا بدنام منشيات فروش آهن ۽ انهن تي اڳ بہ ڪيترائي منشيات جا ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.

👈 گذريل ڏينهن ڪي اين شاھ پوليس منشيات فروش نيٽ ورڪ جي مکيہ عبدالرحمٰن عرف چمڙو ٻگھيو کي بہ اڍائي ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو ھو ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

(2) ميهـڙ ۾ ايس ايڇ او ميهـڙ اي سيڪشن علي اصغر شاھ ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام اصغر تنيو جي اڳواڻي ۾ پوليس منشيات فروشن خلاف ڇاپا هڻي 2 منشيات فروش گرفتار ڪري ورتا

گرفتار منشيات فروشن ۾ حسن جانوري ۽ فداحسين ڪلھوڙو شامل آهن، جن وٽان 2250 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

(3) راڌڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيف الله بگھيو جي اڳواڻي ۾ راڌڻ پوليس ڪاروائي ڪندي

منشيات سپلائر مومن زرداري کي گرفتار ڪري ورتو جنهن وٽان 1200 گرام چرس هٿ ڪيو ويو. جوابدار خلاف راڌڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

(4) ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن نور مصطفيٰ پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي

جوابدار عامر پنهور کي شراب جي بوتلن سميت گرفتار ڪري ورتو. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.