Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

فيس سپرنٽينڊنٽ (O.S) ايس ايس پي آفيس دادو منير احمد سليم منگي پنھنجي ملازمت جو مُدو پورو ڪري اڄ رٽائر ٿي ويا

آفيس سپرنٽينڊنٽ (O.S) ايس ايس پي آفيس دادو منير احمد سليم منگي پنھنجي ملازمت جو مُدو پورو ڪري اڄ رٽائر ٿي ويا، منير سليم منگي صاحب 1987ع کان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ مختلف عهدن تي رھي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ آخر ۾ ايس ايس پي آفيس دادو ۾ آفيس سپريڊنٽ طور مقرري دوران اڄ پنھنجي سروس مڪمل ڪري رٽائر ٿيا آھن.

آفيس سپرنٽينڊنٽ جي رٽائرمنٽ تي سندس مانُ ۾ ايس ايس پي آفيس دادو ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل محمد يعقوب ٻرڙو سميت آفيس جي مڙني ھيڊ آف برانچز ۽ اسٽاف شرڪت ڪئي سمورن آفيس سپريڊنٽ صاحب کي خير سان سروس مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون ساٿي عملدارن پنهنجا ويچار ونڊيندي ڊپارٽمينٽ لاءِ ڏنل سندس خدمتن جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس کي عوام دوست ۽ اسٽاف جي سهڪاري عملدار طور مڃتا ڏيندي اجرڪن، ٽوپين ۽ گلن جا تحفا پيش ڪري کيس کي وڌيڪ نيڪ تمنائن ۽ دعائن ساڻ رخصت ڪيو. جڏھن تہ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي صاحب سرڪاري ڪمن جي سلسلي ۾ شھر کا ٻاھر ھجڻ جي مصروفيات سبب تقريب ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا تنھن ھوندي به ايس ايس پي صاحب دادو آفيس سپريڊنٽ لاءِ خصوصي پيغام جاري ڪندي سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو آھي. ان موقعي تي OS منير سليم منگي مانُ ۽ مڃتا ڏيڻ تي ايس ايس پي صاحب دادو سميت سموري اسٽاف جا ٿورا مڃيا.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.