Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: جوهي پوليس نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو
ضلع دادو پوليس
10 مارچ 2025ء
دادو: جوهي پوليس نوجوان جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو
ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ايس ايچ او ٿاڻو جوهي طارق لاکير بمعہ سپاھ انفارميشن بيسڊ ڪاروائي ڪندي جوھي ۾ ڪجھ مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان آصف مغيري جي قتل ڪيس ۾ گھربل وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي
ڄاڻايل ڪيس ۾ جوھي پوليس جوابدار راحب عرف راحو مغيري (خاصخيلي) کي گرفتار ڪري سندس قبضي منجھان ڏوھ ۾ ڪتب آندل ھٿيار ھڪ پستول پڻ برآمد ڪري ورتو آھي
جوابدار خلاف جوهي ٿاڻي ۾ سرڪاري فرياد تي اسلحہ ايڪٽ تحت جدا ڪيس بہ داخل ڪيو ويو آھي
ياد رھي ته، جوهي ٿاڻي ۾ داخل ڄاڻايل خون واري ڪيس گناھ نمبر 168/2024 قلم 302، 148، 149 ت پ ۾ ٻه مھينا اڳ نامزد جوابدار غلام علي مغيري کي بہ گرفتار ڪيو ويو هو.