Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو پاران ڊسٽرڪٽ جيل دادو جو دورو، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو
ضلع دادو پوليس
3 جون 2025ء
*ايس ايس پي دادو پاران ڊسٽرڪٽ جيل دادو جو دورو، سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي اڄ ڊسٽرڪٽ جيل اينڊ ڪريڪشنل فئسيلٽي دادو جو دورو ڪيو ۽ جيل جي اندرين توڙي ٻاهرين سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو،
جيل جي سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن بابت جيل سپرنٽنڊنٽ جاويد ايوب مغيري ايس ايس پي دادو کي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ دوران جيل جي موجوده سيڪيورٽي نظام، قيدين جي تعداد، سهولتن ۽ درپيش چئلينجن تي روشني وڌي وئي
ايس ايس پي دادو جيل ۾ نگراني واري نظام، قيدين کي عدالتن ۾ آڻڻ ۽ واپس منتقلي واري سلسلي ۽ سيڪيورٽي عملي جي مقرريءَ جو معائنو ڪيو، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي تہ سيڪيورٽي جي هر پهلوءَ کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي تہ جيئن جيل جي اندر امن امان جي فضا برقرار رکي سگهجي ان ڏس ۾ ضلعي پوليس بہ هر وقت جيل پوليس سان گڏ موجود آهي
دوري دوران ايس ايس پي دادو قيدين جي بيرڪن جو به معائنو ڪيو ۽ قيدين سان ملاقات ڪري سندن مسئلن ۽ حالتن بابت سڌيءَ ريت ڄاڻ حاصل ڪئي
ان موقعي تي ڊي ايس پي دادو سٽي سلطان احمد چانڊيو ۽ انچارج ڊي آءِ بي عبد الستار ميراڻي پڻ ايس ايس پي دادو سان گڏ هئا.