Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو ۾ گداگر عورت جو بيهوشي حالت ۾ ملڻ وارو واقعو،، ايس ايس پي دادو جو نوٽيس، ايف آءِ آر داخل، جوابدار گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 23/11/2025

*دادو ۾ گداگر عورت جو بيهوشي حالت ۾ ملڻ وارو واقعو،، ايس ايس پي دادو جو نوٽيس، ايف آءِ آر داخل، جوابدار گرفتار*

ٻہ ڏينھن اڳ، دادو ۾ انب موري ڀرسان روڊ ڪناري هڪ عورت نيم بيهوشي جي حالت ۾ ملي ھئي جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن جي سڃاڻپ گداگري ڪندڙ صاحبہ شيخ جي نالي سان ٿي

واقعي جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي نوٽيس وٺندي حد جي پوليس کي جاچ سميت ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي جون هدايتون جاري ڪيون

ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي تہ متاثرہ عورت کي سندس مائٽ مرتضیٰ عرف منو شيخ نشي آور شيءِ پيارڻ بعد بيهوشي حالت ۾ روڊ ڪناري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو،

ان ڏس ۾ پوليس پاران سرڪاري فرياد تي دادو بي سيڪشن ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 220/2025 قلم 337J ت پ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو آهي

ايس ايڇ او دادو بي سيڪشن سائين بخش چانڊيو پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي *ملوث جوابدار مرتضیٰ عرف منو شيخ* کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ جوابدار کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي جڏهن تہ متاثرہ عورت جو طبي معائنو ۽ علاج پڻ ڪرايو ويو آهي.

دادو پوليس پاران واقعي جي گھڻ رخي، شفاف ۽ قانون مطابق وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ انصاف جي فراهمي هر صورت يقيني بڻائي ويندي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.