Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي روپوش، اشتهاري ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري، وڌيڪ 5 جوابدار گرفتار
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 10/4/2026
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي روپوش، اشتهاري ڏوھارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري، وڌيڪ 5 جوابدار گرفتار
ڪامياب ڪارواين دوران
فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او نياز حسين ٻرڙو پوليس ٽيم سان گڏ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ٻن روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدارن ۾ عبدالمجيد ولد عزيزالله چانڊيو ۽ محمد نواز ولد محمد عالم چانڊيو شامل آهن، جيڪي فريدآباد ٿاڻي ۾ داخل ٻن ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھئا
۱. گناھ نمبر 34/2025 قلم 506/2، 147، 148، 149 پي پي سي
2. گناھ نمبر 1/2026 قلم 506/2، 147، 148، 149 پي پي سي ٿاڻو فريدآباد
مخدوم بلاول ٿاڻي جي ايس ايڇ او اعجاز علي پنھور پوليس پارٽي سان گڏ ڪاروائي ڪندي چوري جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار عبدالفتاح پنھور کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدار مخدوم بلاول ٿاڻي ۾ داخل گناھ نمبر 43/2025 قلم 380 ۽ 457 پي پي سي ۾ پوليس کي گهربل هو.
دادو ويجهو جھلو ٿاڻي جي پوليس گٽڪا سوپاريون سپلاءِ ڪندڙ جوابدار کي جھجھي مقدار ۾ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو
ايس ايڇ او ٿاڻو جھلو سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي دوران موٽرسائيڪل تي گٽڪا سوپاريون کڻي ويندڙ جوابدار نثار عالماڻي کي گرفتار ڪيو جنهن جي قبضي مان 28 پيڪٽ زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپاريون ۽ سندن استعمال هيٺ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي. جوابدار خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
. ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اڪبر علي چنہ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي ڪچي شراب جي 5 بوتلن سميت جوابدار زبير عرف شاهزيب کوکر کي گرفتار ڪيو جنھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.