Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو پڪٽ ڊيوٽين ۽ مددگار 15 تي مقرر جوانن کي سڏائي ورتو بريفنگ ۽ سخت ھدايتون جاري
ضلع دادو پوليس
18 مارچ 2025ء
*ايس ايس پي دادو پڪٽ ڊيوٽين ۽ مددگار 15 تي مقرر جوانن کي سڏائي ورتو بريفنگ ۽ سخت ھدايتون جاري*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي پاران منعقد رول ڪال ۾ پوليس اھلڪارن کي بريفنگ ڏيندي کين کي پڪٽ ڊيوٽين تي ھوشياري سان چڱي نموني ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ جون سخت ھدايتون ڏنيون ويون
ايس ايس پي دادو مددگار 15 جي انچارج سميت سمورن جوانن کي شھر ۾ اثرائتي گشت ۽ چيڪنگ جاري رکڻ سميت مدد لاءِ پڪاريندڙ ماڻھن کي سڏ ۾ سڏ ڏئي فوري ردعمل ڏيڻ جي ھدايت ڪئي
ايس ايس پي دادو سمورن اھلڪارن کي ھدايت ڪئي ته امن وامان بحال رکڻ ۽ عوام جي جان ومال جي تحفظ لاءِ اسان سڀني کي ٽيم ورڪ تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ڊيوٽي دوران آس پاس جي چرپر تي گھري نگاھ رکو ۽ ڏوھاري ماڻھن خلاف بنا دير ڪاروائي ڪري قانون جي بالادستي قائم رکو ٻي صورتَ ۾ سست، ڪاهل ۽ غير ذميوار اھلڪارن خلاف سخت محڪمانہ ڪاروائي ڪئي ويندي.
ياد رھي ته
ايس ايس پي دادو پاران رمضان المبارڪ دوران امن وامان قائم رکڻ لاءِ ٿاڻن ۾ اضافي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آھي بازارن ۽ اھم چوڪن چوراھن تي وڌيڪ 469 مرد توڙي عورت اھلڪارن کي تعينات ڪيو ويو آهي.