Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس امن امان بحال رکڻ لاءِ متحرڪ، ميهڙ ۾ رات دير سان ايس ايڇ او ميهڙ اي سيڪشن علي اصغر شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي ڪاروائي
ضلع پوليس دادو
تاريخ: 19-اپريل-2025
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس امن امان بحال رکڻ لاءِ متحرڪ، ميهڙ ۾ رات دير سان ايس ايڇ او ميهڙ اي سيڪشن علي اصغر شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي ڪاروائي،*
*فريدآباد لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربند ڏوهارين سان مقابلو ڪري پوليس ٽن ڏوھارين کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو*
*گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ گاهي خان چانڊيو، چنيسر ۽ دودو چانڊيو طور ٿي آهي*
*جوابدارن وٽان بنا لائسنس ٽي پسٽل ۽ هڪ بغير نمبر ون ٽو فائيـو موٽرسائيڪل هٿ آئي آهي*
گرفتار جوابدارن خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ۽ اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي
*جڏھن تہ جوابدارن خلاف اغوا ۽ ڦر جهڙن سنگين ڏوهن ۾ اڳ به ملوث ھجڻ جي ڪيسن جو رڪارڊ پڻ حاصل ٿيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي*
ڪيسن جو تفصيل:
1. گناھ نمبر 45/2021 قلم 392 ت.پ، ٿاڻو فريدآباد
2. گناھ نمبر 84/2025 ڏوھ قلم 365B، 363 ت.پ، ٿاڻو ميهڙ
3. گناھ نمبر 97/2025 ڏوھ قلم 324، 353 ت.پ
4. گناھ نمبر 109/2025 ڏوھ قلم 324، 353، 401، 34 ت.پ، ٿاڻو ميهڙ
5. گناھ نمبر 110/2025 قلم 25/SAA، ٿاڻو ميهڙ
6. گناھ نمبر 111/2025 قلم 25/SAA، ٿاڻو ميهڙ
7. گناھ نمبر 112/2025 قلم 25/SAA، ٿاڻو ميهڙ