Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ميھڙ ۾ پوليس جون ڪاروايون ڏوھارين جي گينگ گرفتار، رائس مل ملازم کان ڦر ٿيل روڪ رقم بہ برآمد*

ميھڙ ۾ پوليس جون ڪاروايون ڏوھارين جي گينگ گرفتار، رائس مل ملازم کان ڦر ٿيل روڪ رقم بہ برآمد*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڊي ايس پي ميھڙ معشوق علي ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ميھڙ پوليس مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪيون

ڪارواين دوران ۲ ھفتا اڳ، ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ الرحمان رائس مل جي ملازم کان ڦر ٿيل روڪ رقم 5 لک روپيا پوليس ھٿ ڪري ورتي آهي

برآمد ڪيل رقم واپاري جي حوالي ڪئي وئي ان موقعي تي واپارين عبدالحفيظ ۽ غلام نبي قمبراڻي پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم پاران ورتل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪاروائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ٻئي پاسي ميھڙ پوليس ھٿيارن سميت ٻن ڏوھارين کي بہ گرفتار ڪري ورتو

گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ارشاد ولد مصري سولنگي ۽ قدير ولد شبير سولنگي طور ٿي آهي جن وٽان پستول ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون سندن خلاف پھريان بہ ميھڙ ٿاڻي تي پوليس مقابلي جا ڪيس داخل ٿيل ھئا وڌيڪ اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پوليس ڪارواين ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن طارق علي لاکير، ٽينيڪل ٽيم انچارج رانا آصف راجپوت، سي آء اي ميهڙ انچارج بشير احمد لاکير سوڍل سولنگي ۽ ٽيم ۾ شامل ون فائيو انچارج امداد علي سيھول بھترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي پاران سموري ٽيم کي شاباشي ڏيندي کين وڌيڪ محنت جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.