Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس پاران مؤثر چيڪنگ، قتل، اغوا ۽ ٻين ڪيسن ۾ روپوش 3 جوابدار گرفتار، هڪ گٽڪا سپلائر بہ سڳُ سوڌو پڪڙجي پيو
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 26/5/2025
دادو پوليس پاران مؤثر چيڪنگ، قتل، اغوا ۽ ٻين ڪيسن ۾ روپوش 3 جوابدار گرفتار، هڪ گٽڪا سپلائر بہ سڳُ سوڌو پڪڙجي پيو
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي خاص هدايتن تي ضلعي ۾ داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪابندي ڪري اسنيپ چيڪنگ ڪئي وئي،
ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز جي نگراني هيٺ جاري چيڪنگ دوران گاڏين ۽ مشڪوڪ ماڻهن جي سخت تلاشي ورتي وئي.
چيڪنگ دوران، ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او قمرالدين تنيو ۽ ھيڊ محرر اغوا جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار غلام عمر لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار تفريدآباد ٿاڻي ۾ داخل گناھ نمبر 13/2025 قلم 365B ۽ 496A ۾ پوليس کي گهربل هو.
اِهڙيءَ ريت، ڦلجي وليج ٿاڻي جي ايس ايڇ او خدابخش زرداري بمعہ سپاھ دورانِ چيڪنگ قتل جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار عبدالغفار جمالي کي گرفتار ڪيو. جوابدار ڦلجي وليج ٿاڻي تي داخل ڪيس گناھ نمبر 10/2025 قلم 302 ۾ پوليس کي گهربل هو.
دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او بينظير جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ بي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪندي گٽڪا سپلائر جوابدار زين ولد ٻڍل لاشاري کي گرفتار ڪري گٽڪا سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، جوابدار وٽان 10 پيڪٽ پابندي پيل گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون.
فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ سندس ٽيم دورانِ چيڪنگ روپوش جوابدار علي ولد بدر کي گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته جوابدار فريدآباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيس گناھ نمبر 59/2021 قلم 324 ۾ پوليس کي گهربل هو.
ان ڏس ۾، ايس ايس پي دادو ڪامياب ڪارواين تي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي شاباش ڏني آهي
جڏھن تہ عوام جي تحفظ ۽ امن وامان قائم رکڻ لاءِ پوليس جون ڪاروايون ۽ چيڪنگ جو وڌيڪ سلسلو جاري رهندو.