Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
من امان بحال رکڻ لاءِ دادو پوليس پاران ضلعي ۾ جنرل هولڊ اپ، داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ، مقابلي دوران ٻہ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا
من امان بحال رکڻ لاءِ دادو پوليس پاران ضلعي ۾ جنرل هولڊ اپ، داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ، مقابلي دوران ٻہ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا
ايس ايس پي دادو پاڻ بہ آن روڊ رھي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ناڪابندي پوائنٽن ۽ پوليس پڪٽن جو جائزو ورتو،
ضلع ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ دادو پوليس مصروفِ عمل آهي
ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز جي نگراني هيٺ داخلي ۽ خارجي رستن تي ناڪا لڳائي سخت چيڪنگ ڪئي وئي، شهرن ۾ موٽر سائيڪل گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو به جاري
چيڪنگ پوائنٽن تي “تلاش ڊوائيس ايپ” ذريعي شڪي ماڻهن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي مختلف علائقن جو دورو ڪري چيڪنگ پوائنٽن، گشت ڪندڙ موبائلن ۽ پوليس پڪٽن جو جائزو ورتو
وزٽ دوران ايس ايس پي دادو پوليس اهلڪارن کي هوشيار ۽ الرٽ رهڻ جون ضروري هدايتون جاري ڪيون
ٻئي طرف مؤثر گشت جي نتيجي ۾ جوهي ۽ ڪڪڙ ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس مقابلي دوران ٻہ ڏوھاري عباس ملاح ۽ ثمير عرف ضمير زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا