Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو مختلف ھنڌن تي لڳل چيڪنگ پوائنٽن جو اوچتو دورو ڪري حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو، ڊيوٽي ۾ غلفت ڪندڙن خلاف محڪمانہ ڪارواين جا احڪامات جاري

دادو: امن وامان بحال رکڻ لاءِ ضلعي اندر پوليس پاران جوڳا اپاءُ،*

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي پاڻ به علائقي ۾ گشت تي موجود*

*ايس ايس پي دادو مختلف ھنڌن تي لڳل چيڪنگ پوائنٽن جو اوچتو دورو ڪري حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو، ڊيوٽي ۾ غلفت ڪندڙن خلاف محڪمانہ ڪارواين جا احڪامات جاري*

ضلعي ۾ پرامن فضا برقرار رکڻ لاءِ حد جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز جي نگرانيءَ ھيٺ اچ وڃ وارن دڳن تي ناڪابندي ڪري سخت چيڪنگ ڪئي وئي،

ھائي ويز ۽ لنڪ روڊن تي به گشت جو سلسلو جاري آهي

سنيپ چيڪنگ دوران مشڪوڪ ماڻھن جي جھڙتي سميت آنلائن سسٽم ذريعي ريڪارڊ جي تصديق ڪئي وئي،

چيڪنگ دوران ننڍين وڏين گاڏين کي پڻ چيڪ ڪيو ويو ڪيترين ئي گاڏين منجھان ضابطي جي خلاف لڳل فينسي نمبر پليٽون، ڪارا شيشا پڻ لاٿا ويا

ٻئي پاسي ايس ايس پي دادو پاڻ بہ سب ڊويزن دادو ۾ روڊن ۽ شھر جي گلين جو گشت ڪري موجود پوليس نفري کي چيڪ ڪيو

ايس ايس پي دادو حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندي مختلف چيڪنگ پوائنٽن تان غيرحاضر ٽن اي ايس آئز ۽ ڪوتاھي ڪندڙ ھڪ وڏي منشي کي معطل ڪري ڇڏيو،

جڏھن تہ ايس ايس پي دادو پوليس اهلڪارن کي پنھنجي ڊيوٽي پوائنٽن تي الرٽ رھڻ سميت عوام جي جان و مال جي حفاظت جا فرائض چڱي ريت ۽ نيڪ نيتي سان ادا ڪرڻ جون سخت ھدايتون پڻ جاري ڪيون

ضلعي ۾ امن وامان بحال رکڻ سڀ کان پھريون فرض آھي ان ۾ ڪنھن بہ قسم جي لاپرواهي ناقابلِ برداشت ھوندي داخلي رستن تي سخت پھريداري ۽ چيڪنگ جو مقصد عوام کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ سميت ڏوھاري عنصرن جي رستا روڪ ڪرڻ ۽ سندن جا ڏوھاري مقصد ناڪام بڻائڻ آھي... *ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.