Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو پاران شهيد پوليس ڪانسٽيبل جي پوئينرن سان تعزيت
ايس ايس پي دادو پاران شهيد پوليس ڪانسٽيبل جي پوئينرن سان تعزيت*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي ميهڙ ۾ ڏوھارين سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ ڪانسٽيبل زاهد حسين تنيو جي گهرڀاتين سان ملاقات ڪري سندن عظيم نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو
ايس ايس پي دادو ميهڙ ويجھو ڳوٺ منجڻ ۾ شهيد جي تڏي تي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي شهيد جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ملاقات ۾ شھيد جي ٻارڙن سان شفقت جو اظهار ڪندي کين حوصلو ڏنو سندن وارثن کي يتيمن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ جي بہ گذارش ڪئي
ايس ايس پي دادو شهيد جي گهرڀاتين کي هر ممڪن مدد ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شهيد لاءِ کاتي پاران لاڳو معاوضو ۽ ٻيون مراعتون پڻ جلد جاري ڪرايون وينديون
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي وڌيڪ چيو ته پوليس فورس عوام جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ شهيدن جون قربانيون اسان جي همت ۽ حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪا آهيون شهيد زاهد حسين جي قرباني هرگز رائگان نه ويندي سندس خون جو ضرور انصاف ٿيندو
ان موقعي تي ڊي ايس پي ميهڙ منير احمد ڦلپوٽو ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن محسن علي جمالي پڻ ايس ايس پي دادو سان گڏ هئا.