Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون، چوري/ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد، اسلحي ۽ منشيات سميت 2 جوابدار بہ گرفتار

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون، چوري/ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد، اسلحي ۽ منشيات سميت 2 جوابدار بہ گرفتار*

دادو ۾ ايريگيشن ڪالوني مسجد ٻاھران ڪجھ مھينا اڳ شھري سجاد ڪاٺيو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل اي سيڪشن پوليس برآمد ڪري ورتي، ايس ايڇ او اي سيڪشن اعجاز علي مسڻ پاران ڏوھارين ڪارواين دوران ڄاڻايل موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي جيڪا مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي.

ميھڙ ۾ ايس ايڇ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي خون ۽ڦر جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار ايوب چانڊيو جي نشاندھي تي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل رپيٽر ھٿ ڪري ورتو جوابدار خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي

راڄوديرو ٿاڻي جي حد ۾ ٻہ ڏينھن اڳ ڳوٺاڻي معشوق چانڊيو کا ڦر ٿيل موٽرسائيڪل پوليس برآمد ڪري ورتي برآمد ڪيل موٽرسائيڪل مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي.

ڪَڪَڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس جي ڪاروائي منشيات فروش اختر حسين چرس سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.