Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي جي قيادت ۾* دادو پوليس عوام جي جان ومال جي تحفظ لاءِ ھر وقت مصروف عمل
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي جي قيادت ۾* دادو پوليس عوام جي جان ومال جي تحفظ لاءِ ھر وقت مصروف عمل
*ميھڙ ۾ پوليس جي بروقت ڪاروائي، ڏوھارين سان مقابلو ڪري ڳوٺاڻن جون چوري ٿيل 2 ڀلوڙ مينھون برآمد ڪري ورتيون*
گذريل رات دير سان ميھڙ جي حسن ڪالوني مان زين سيھول جي واڙي مان ٻہ مينھون چوري ٿيڻ واري اطلاع تي مددگار 15 پوليس تڪڙو تحرڪ وٺندي ڪامياب ڪاروائي ڪئي
انچارج مددگار 15 فقير محمد برھماڻي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڀاڳين سان گڏجي ڏوھارين جو پيڇو ڪيو، پوليس ۽ چورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي سخت مقابلي بعد جوابدار مينھون ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس مينھُنَ کي تحويل ۾ وٺي بعد ۾ مالڪ حوالي ڪري ڇڏيون آھن
جڏھن تہ پوليس پاران جوابدارن جي ڳولا ۽ علائقي ۾ پڇا ڳاڇا پڻ جاري آهي
ٻئي پاسي ڀاڳين پوليس جي ڦڙتيلي ڪاروائي ۽ ريسپانس تي پوليس جي واکاڻ ڪندي بھادري جو مظاھرو ڪندڙ انچارج مددگار 15 فقير محمد برھماڻي ۽ سندس ٽيم جي حوصلا افزائي ڪئي جڏھن تہ ايس ايس پي دادو پاران پڻ پوليس ٽيم کي شاباشي ڏني وئي آھي