Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جا منشیات فروشن، روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا.. 5 جوابدار گرفتار، گٽڪا، شراب ۽ ڀنگ برآمد، ڪيس داخل
*دادو پوليس جا منشیات فروشن، روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا.. 5 جوابدار گرفتار، گٽڪا، شراب ۽ ڀنگ برآمد، ڪيس داخل*
ايس ايس پي دادو *ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي* جي هدايتن تي ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري رکندي دادو، رڪڻ ۽ جھلو ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڪاروايون عمل ۾ آنديون ويون،
ايس ايچ او دادو اي سيڪشن مظھر علي نائچ جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس مزدور آباد ۽ پنج مور وارن علائقن ۾ منشيـات فروشـن خلاف ڇاپا هڻي جوابدارن سرفراز ڀنڊ ۽ محمد علي سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن وٽان 11 ڪلو ڀنگ ۽ شراب جون 16 بوتلون هٿ ڪيون ويون. اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدارن خلاف الڳ الڳ ٻہ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
دادو ويجهو جھلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد پريل پنھور پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي ٻن روپوش جوابدارن علي مردان جتوئي ۽ ميهر علي جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار جھلو ٿاڻي تي داخل ڪيس گناھ نمبر 12/2025 ڏوھ قلم 452، 427، 148، 149 ت پ ۾ گھربل هئا.
پيارو اسٽيشن ويجھو ايس ايڇ او رڪڻ غلام مصطفي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ رڪڻ ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي گٽڪا فروش جوابدار اسد علي نوناري کي Z-21 گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪيو. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.