Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو جي صدارت هيٺ ڪرائم ميٽنگ ــ ڪرائم ڪنٽرول ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ حڪمتِ عملي تيار، پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري
ايس ايس پي دادو جي صدارت هيٺ ڪرائم ميٽنگ ــ ڪرائم ڪنٽرول ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ حڪمتِ عملي تيار، پوليس آفيسرن کي هدايتون جاري
دادو ( رپورٽ منصور چانڊيو ) ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي صدارت ۾ ايس ايس پي آفيس دادو جي ڪانفرنس هال ۾ پوليس آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس ٿيو۔ميٽنگ ۾ ضلع جي سڀني ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز، چوڪي انچارجز، 15 انچارج، هيڊ محررن، ڊي ايس پي ليگل، ڊي آءِ بي، سي آءِ اي انچارج ۽ ٻين برانچن جا سربراهه شامل ٿيا۔اجلاس دوران ضلع ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ سڀني ٿاڻن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ مؤثر قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو۔