Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ميھڙ لڳ راڌڻ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، بدنام ڏوهاري نبو جتوئي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار

*دادو: پوليس مقابلو*

*ميھڙ لڳ راڌڻ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، بدنام ڏوهاري نبو جتوئي سخت زخمي حالت ۾ گرفتار*

راڌڻ پوليس پارٽي جو گشت دوران سنڌي ٻٽڙا ڀرسان پارڪو لائن لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان موجود هٿياربند ڏوھاري سان مقابلو ٿيو،

پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران بدنام زمانہ ڏوھاري نواب عرف نبو خروس جتوئي ويٺل اصل ضلع لاڙڪاڻو، کي پوليس سخت زخمي حالت ۾ ريپيٽر سميت گرفتار ڪري ورتو

مقابلي دوران زخمي ڏوھاري جا ٻيا ٽي ساٿي پوليس تي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جن جي تعاقب ۾ پوليس طرفان سرچ آپريشن وڌيڪ جاري آهي

زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري نواب عرف نبو جتوئي بين الاضلاعي ڏوھاري گينگ جو سرگرم رڪن آهي، جيڪو دادو سميت شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ اتر سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ مختلف ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي

ڌاڙيل نواب عرف نبو جتوئي ۽ سندس گينگ روڊ ڦر، گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ، موٽرسائيڪل ڦر ۽ ٻين ڪيترين ئي ڦر مار جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن

گرفتار زخمي ڏوھاري خلاف دادو سميت ٻين ضلعن ۾ قتل، ڌاڙن، رهزني، پوليس مقابلن ۽ ٻين سنگين نوعيت وارن ڏوهن جي 16 کان وڌيڪ ڪيسن جو رڪارڊ ملي چڪو آهي، جڏهن تہ وڌيڪ رڪارڊ ھئڻ جو پڻ امڪان آهي

جڏھن تہ زخمي ڏوھاري کي مقامي اسپتال مان ابتدائي طبي امداد ڏيارڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ضابطي جي وڌيڪ قانوني ڪاروائي پڻ عمل ۾ آندي پئي وڃي.

ٻئي پاسي، ايس ايس پي دادو ڪپٽن (ر) امير سعود مگسي پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم ۽ ايس ايڇ او راڌڻ کي ڪامياب ڪاروائي تي شاباس ڏني آھي ۽ چيو آھي تہ ضلعي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عنصر کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نہ ڪيو ويندو پوليس طرفان ڏوهارين خلاف سخت ايڪشن جاري رهندو


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.