Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ڪارڪردگي رپورٽ* *سال 2024ع*
ڪارڪردگي رپورٽ*
*سال 2024ع*
سال 2024 پنھنجي پڄاڻي تي آھي گذريل سال دوران ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي قيادت ۾ دادو پوليس ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون ۽ ڏوھن کي روڪڻ ۽ ڏوھارين خلاف ثابت قدمي سان ڪاروايون ڪندي اھم ڪاميابيون حاصل ڪيون
گذريل سال دوران ڪارواين ۽ عوامي شڪايتن جي دادرسي لاءِ ڏنل خدمتن جا انگ اکر ھيٺين ريت آھن
سال 2024 ۾ ضلعي اندر مختلف ڏوھن جا مجموعي طور 2549 ڪيس داخل ٿيا انھن ڪيسن ۾ 60 سيڪڙو تناسب سان 4239 نامزد جوابدار گرفتار ڪيا ويا.
سال 2024 ۾ پوليس جا ڏوھارين سان 129 مقابلا ٿيا
مقابلن ۾ 6 خطرناڪ ڏوھاري مارجي ويا ۽ 29 ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو
جڏهن تہ ڏوھارين خلاف ڪارواين ۾ مجموعي طور 938 ڪرمنل گرفتار ٿيا
ڦرن، ڌاڙن ۽ چورين ۾ ملوث ڏوھارين جا 60 گروھ پڪڙيا ويا
مختلف ڪيسن ۾ گھربل 538 اشتھاري ڏوھاري ۽ 459 روپوش جوابدار گرفتار ٿيا
خون جي ڪيسن ۾ 188 جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي منجھ آندو ويو
شھرين کان ڀتو طلب ڪندڙ 5 ڀتاخور گرفتار ڪيا ويا جڏھن تہ ڏوھارين کي پناھ ڏيندڙ 7 سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو
گاڏيون ڦر ۽ چوريون ڪندڙ 146 ڏوھاري گرفتار ڪيا ويا
گھرن دوڪانن ۽ ٻين جاين تان چوريون ڪندڙ 261 چور گرفتار ٿيا
ان کان علاوه بجلي چوري جي ڪيسن ۾ نامزد 446 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو
گذريل سال ڏوھارين خلاف ڪارواين دوران پوليس جي 2 جوانن پنھنجا فرض نڀائيندي شھادت پڻ ماڻي ۽ ٻہ پوليس اھلڪار بھادري سان وڙھندي زخمي ٿي غازي بڻيا
غيرقانوني ھٿيار رکڻ وارن خلاف 214 ڪيس داخل ڪيا ويا
ھٿ ڪيل ھٿيارن ۾
ڪلاشنڪوف 4
رائفلون 9
بندوقون ۽ رپيٽر 54
پستول/ريوالور 148
گوليون۽ ڪارتوس 403
گاڏيون چوري ۽ ڦر وارن معاملن ۾ ڪاروايون ڪندي 138 ڦر ۽ چوري جون گاڏيون برآمد ڪيون ويون
برآمد ملڪيتن ۾
موٽرسائيڪلون 120
چار ڦيٿيون گاڏيون 18
موبائل فون 202
روڪ رقم 1300000 روپيا
چوپايو مال 15 ڍور
سولر پينل 10
سونا زيور 2 تولا
بيٽريون 9
موٽر ۽ بورنگ مشينون 5 ھٿ ڪيون ويون
ٻين برآمدگين ۾
اسمگل شدہ آئل 19000 ليٽر، ڪروڊ آئل (ڪچو تيل) 48 جھريون ۽ غير معياري سگريٽ 165 ڪارٽون برآمد ڪيا ويا
منشيات فروشن ڊيلرن خلاف ڪاروايون ڪندي منشيات جا 227 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 246 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو
منشيات فروشن کان
چرس 103 ڪلو گرام (اڍائي مڻ)
ڀنگ 293 ڪلو
ھيروئن 53 گرام
آئس 116 گرام
شراب 1297 بوتلون ۽ 50 ليٽر ڪچو شراب برآمد ڪيو ويو
صحت لاءِ ھاڃيڪار گٽڪا سوپارين جي ڪاروبار ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪاروايون ڪندي 266 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 239 ڪيس داخل ڪيا ويا
جوا ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن خلاف ڪاروايون ڪندي 64 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو لکين روپيا جوا جي رقم تاش جا پتا ۽ ٻيو جوا جو سامان ھٿ ڪيو ويو.
*ڪارڪردگي رپورٽ*
*ڪمپلينٽ ريڊريسل سيل ۽ ھيومن رائٽس سيل/وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن ڊيسڪ دادو*
عوامي مسئلن جي دادرسي ڪرڻ دادو پوليس جي اولين ترجيح آهي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي نگراني ۾ قائم شڪايتي سينٽر ۽ عورتن ٻارڙن جي تحفظ واري سيل ۾ عوام جي مسئلن جي بنافرق ۽ بنا دير دادرسي ڪئي وڃي ٿي
ان حوالي سان سال 2024 ۾ درخواستگذارن جي موصول شڪايتن بابت ڪارڪردگي جا انگ اکر ھيٺين ريت آھن
دادو پوليس پاران قائم عورتن ۽ ٻارڙن جي تحفظ واري سيل ۾ گذريل سال 663 درخواستون موصول ٿيون ۽ انھن سمورن مسئلن کي حل ڪيو ويو
درخواستن ۾ زال مڙس جي جھيڙن جون 40 شڪايتون، عورتن جي گھريلو مسئلن جون 60 درخواستون، ڏاج جي مسئلن جون 5 درخواستون، ٻارن جي ڪسٽڊي بابت 35 درخواستون، جائداد مان حصو نہ ملڻ جون 160 درخواستون، ڌمڪين خلاف 120 درخواستون، عورتن تي تشدد جون 160 درخواستون، اغوا ۽ گمشدگي جون 35 درخواستون، زنا جي ڪوشش جون 40 درخواستون، جنسي حراسمنٽ جون 5 درخواستون ۽ عورتن کي بليڪ ميلنگ جون 11 درخواستون مليون
سمورين درخواستن جي ايس ايس پي دادو پاران ميرٽ تي انڪوائري ڪرائي جائز شڪايتن جون ازالو ڪيو ويو جنھن لاء ھيومن رائٽس سيل انچارج سب انسپيڪٽر ياسمين سومرو ۽ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن ڊيسڪ انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي پاران شڪايت ڪندڙ عورتن جي دادرسي ڪرڻ ۽ کين انصاف فراھمي لاءِ بھترين ڪردار ادا ڪيو ويو.
ان کان علاوه سال 2024 ۾ 3 عورتن وومين پروٽيڪشن سيل تي اچي تحفظ لاءِ پناھ ورتي جن کي عدالت جي معرفت حفاظت ۾ دارالامان منتقل ڪيو ويو.
جڏھن تہ گذريل سال دادو پوليس کي 40 لاپتا ٻارڙا ھٿ آيا جن جي وارثن جي ڳولا ڪري کين حفاظت سان وارثن حوالي ڪيو ويو
*ڪارڪردگي رپورٽ ڪمپلينٽ ريڊريسل سيل ايس ايس پي آفيس دادو*
ڪمپلينٽ ريڊريسل سيل ۾ سال 2024 دوران مختلف ذريعن جنھن ۾ مختلف آن لائين شڪايتي پورٽل، ڊي آء جي آفيس ۽ عدالتن معرفت 22 A&B جون مجموعي طور 2351 درخواستون موصول ٿيون
جڏھن ته ايس ايس پي دادو کي شھرين پاران جائداد جي مسئلن، گھريلو مسئلن، ڏيتي ليتيءَ ۽ ٻين سماجي مسئلن جي حوالي سان 4530 درخواستون مليون
ڄاڻايل درخواستن ۾ ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل محمد يعقوب ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ميرٽ تي انڪوائريون ڪرايون ويون ۽ 6825 درخواستن کي قانون موجب حل ڪيو ويو باقي 56 درخواستون پڻ جاچ ھيٺ آھن.
ڄاڻايل درخواستن جي انڪوائري ۾ ٻڌڻ جوڳا ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 408 درخواستن جون ايف آء آرز داخل ڪيون ويون.
ضلع دادو پوليس عوامي خدمت جا فرض بخوبي سرانجام ڏيڻ لاءِ آئيندہ بہ پرعزم آهي ۽ ضلعي ۾ پائيدار امن جي حوالي سان بھتر کان بھتر عملي قدم يقيني بڻائڻ دادو پوليس جي ترجيحات ۾ شامل آھن ڀرپور محنت ۽ ايمانداري سان عوام جي خدمت جاري رھندي. *ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود م