Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو ڀرسان شادي شده عورت جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس مُک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
ضلع دادو پولیس
14 مئی 2025
*دادو ڀرسان شادي شده عورت جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس مُک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو*
ٻہ هفتا اڳ، دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مسمات صدوري چانڊيو کي سندس مڙس هٿان گھٽو ڏئي قتل ڪرڻ واري اطلاع تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي فوري نوٽيس ورتو،
مقتولا عورت جي والد جي فرياد تي جھلو ٿاڻي تي گناھ نمبر 13/2025 قلم 302، 34 ت پ تحت مقتولا جي مڙس، سھري ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي،
ان سلسلي ۾ اڄ، ايس ايڇ او ٿاڻو جھلو انسپيڪٽر الطاف احمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪندي پوليس *ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار، مقتولا جي مڙس رياض عرف پتنگ چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.*
جڏھن تہ ڪيس ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي.