Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو ۽ ڪي اين شاھ ۾ پوليس ڪاروايون چوري ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد منشيات سميت ٻہ جوابدار بہ گرفتار

ضلع دادو پوليس*

۳۰ جنوري ۲۰۲۵

*دادو ۽ ڪي اين شاھ ۾ پوليس ڪاروايون چوري ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد منشيات سميت ٻہ جوابدار بہ گرفتار*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون جاري آھن

ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاھ سيف اللہ ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ ڪي اين شاھ پوليس ڏوھارين خلاف ڇاپن دوران ڪي اين شاھ واسي ٻن ڄڻن جون چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون

برآمد ڪيل موٽرسائيڪلون تصديق بعد اصل مالڪن قربان اوٺو ۽ احمد سنڌي جي حوالي ڪيون ويون آهن.

ٻئي پاسي ايس ايچ او دادو اي سيڪشن اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪندي گٽڪا سوپاريون وڪرو ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

گرفتار جوابدارن ۾ عبدالوحيد ملاح ۽ ارسلان ملاح شامل آهن جن وٽان زيڊ ايڪھ گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون سندن خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.