Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
*دادو پوليس جون ڪاروايون، ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل 10 جوابدار گرفتار، غير قانوني هٿيار ۽ منشيات برآمد، ڪيس داخل*
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 20/4/2026
*دادو پوليس جون ڪاروايون، ڦر ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل 10 جوابدار گرفتار، غير قانوني هٿيار ۽ منشيات برآمد، ڪيس داخل*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي روپوش اشتهاري ۽ ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروايون جاري آهن
تفصيل موجب:
ٿاڻو سيتا روڊ جي حد ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي مسافر بس ڦر واري ڪيس ۾ گهربل 6 جوابدار گرفتار ڪيا، جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار بہ برآمد ڪيا ويا آھن
گرفتار جوابدارن ۾: جوابدار اسماعيل عرف اسلي ملاح، محمد موسيٰ عرف محسن چانڊيو، جبار ملاح، علي خان سمون، زاھد پنڙ ۽ جوابدار منٺار عرف پريل چانڊيو شامل آهن
جاچ دوران ايس ايچ او سيتا روڊ نظام الدين کنڊ پاران گرفتار جوابدارن موسيٰ عرف محسن چانڊيو ۽ اسماعيل عرف اسلي جي نشاندهي تي ڏوھ ۾ استعمال ٿيل هٿيار هڪ ريپيٽر ۽ هڪ پسٽل برآمد ڪيا ويا آھن جڏھن تہ جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت وڌيڪ ٻہ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.
FIR#. 32/2026 u/s 395 PPC PS Sita
FIR#. 34/2026 u/s 25 SAA
FIR#. 35/2026 u/s 25 SAA PS Sita road
ڪي اين شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي لسٽيڊ منشيات فروش ياسين لغاري کي گرفتار ڪري ورتو جنهن وٽان 550 گرام چرس برآمد ٿيو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
ٻئي پاسي
ايس ايچ او ٿرڙي جادو شهيد محمد ايوب نائچ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي ٽي گهربل جوابدار گرفتار ڪيا
گرفتار ٿيلن ۾ ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي جي ڪيس گناھ نمبر 6/2026 قلم 506، 447، 147، 148 ت پ ۾ گهربل جوابدار حسن جمالي ۽ ستار جمالي گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان هڪ پسٽل ۽ هڪ بغير لائسنس بندوق برآمد ٿي، جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل پڻ ڪيا ويا آهن
ٻي ڪاروائي ۾ ٿرڙي جادو شهيد ٿاڻي جي پوليس اغوا جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار رفيق ولد روشن جمالي کي گرفتار ڪري ورتو