Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پولیس جو ڪاروايون ٻن اشتھاري ڏوھارين سميت 12 جوابدار گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات ھٿ، غيرقانوني ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪئي وئي

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 25/4/2026

*دادو پولیس جو ڪاروايون ٻن اشتھاري ڏوھارين سميت 12 جوابدار گرفتار، وڏي مقدار ۾ منشيات ھٿ، غيرقانوني ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪئي وئي*

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ضلعي ۾ منشيات فروشن، روپوش ۽ سرگرم ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي ان ڏس ۾ مختلف ھنڌن تي ڪارواين دوران وڌيڪ 12 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو*

تفصيل موجب

دادو ۾ سي آء اي پوليس انچارج امتياز علي ميرجت کي اڳواڻي ۾ ڇاپا ھڻي *منشيات سپلاءِ ڪندڙ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو* جن ۾ جوابدار عرفان ڀنڊ، رسول بخش جمالي، عامر ڀنڊ ۽ محمد شريف لاشاري شامل آهن جن وٽان *70 پاڪيٽ زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپاريون، 1070 گرام چرس ۽ 4 بوتلون شراب* ھٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف دادو، جھلو ۽ خداآباد ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

ڪَڪَڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق حسين لاکير جي اڳواڻي ۾ ڇاپن دوران پوليس *چوري ۽ ڦر جي ڪيسن ۾ گھربل ٻن اشتھاري ڏوھارين* صغير عرف ضمير عرف گگو ۽ صدام حسين چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو جڏھن تہ ھڪ ٻي ڪاروائي ۾ ڪَڪَڙ پوليس *گٽڪا سوپارين سميت جوابدار صابر ساند* کي گرفتار ڪري سندس خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آھي.

سيتا روڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نظام الدين کنڊ جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ڪاروائي *منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ گھربل جوابدار علي بخش عرف گڊن چانڊيو گرفتار* سندس قبضي منجھان 190 گرام چرس به برآمد ڪيو ويو جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏھن تہ جوابدار خلاف *منشيات ۽ ٻين ڏوھن جا 7 ڪيس* اڳ پڻ داخل ھئا.

ميھڙ ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن محمد ابراھيم سومرو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي *منشيات ڊيلر عمران عرف ٽمون سوڍر* کي گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان 550 گرام چرس برآمد ٿيو سندس خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ميھڙ ويجھو شاھ پنجو ٿاڻي جي حد ۾ بہ پوليس جي ڪاروائي *بنا لائسنس پستول ۽ گولين سميت جوابدار ربنواز چانڊيو* گرفتار، جوابدار خلاف آرمس ايڪٽ جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

دادو م ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر علي چنہ جي اڳواڻي ۾ منشيات فروشن خلاف پوليس جا مختلف ھنڌن تي ڇاپا *2 جوابدار گرفتار سندن وٽان ھڪ ڪلو کان مٿي چرس ۽ 8 پاڪيٽ گٽڪا سوپارين جا ھٿ ڪيا ويا* جڏھن ته گرفتار جوابدارن ۾ ضمير جنجھ ۽ محمد ابراھيم ملاح شامل آھن سندن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

ڦلجي وليج ٿاڻي جي پوليس ڏوھارين خلاف ڇاپا مار ڪاروائي دوران *ڦر ٿيل ھڪ موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي* ڄاڻايل موٽرسائيڪل مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد مان ڪجھ ڏينھن اڳ شھري غازي خان خشڪ کان ڦر ٿي ھئي جيڪا پوليس پاران ضروري ڪاروائي بعد مالڪ حوالي ڪئي وئي آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.