Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: پوليس جون ڪاروايون، 8 منشيات فروش گرفتار، سوين ليٽر ڪچو شراب ۽ 10 پيڪٽ گٽڪا سوپاريون برآمد، ڪيس داخل

ضلع دادو پوليس

مورخہ: 04/04/2026

دادو: پوليس جون ڪاروايون، 8 منشيات فروش گرفتار، سوين ليٽر ڪچو شراب ۽ 10 پيڪٽ گٽڪا سوپاريون برآمد، ڪيس داخل

تفصيل موجب:

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڪاروايون ڪيون ويون

ان ڏس ۾

ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن ۽ مددگار 15 پوليس ٽيمن پاران مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، ڇاپن دوران ديسي شراب تيار ڪندڙ ٻن جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ نثار سولنگي ۽ شاهد رانجھاڻي طور ٿي

ڪارروائي دوران پوليس تيار ٿيل شراب جون 37 بوتلون، 100 ليٽر ڪچو شراب (ٺرو)، ٻہ ڊرم ۽ 15000 رپيا نقد برآمد ڪيا ويا. جوابدارن کي اي سيڪشن ٿاڻي منتقل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڪارواين ۾ اي سيڪشن پوليس گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ 4 جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان زيڊ 21 ۽ سفينا گٽڪا جا 8 پيڪٽ برآمد ٿيا. گرفتار جوابدارن ۾ فياض عرف مور شيخ، سومر لاشاري، نادر لغاري ۽ سليم کوسو شامل آهن. جوابدارن خلاف گٽڪا مين پوري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

واھي پانڌي پوليس ڪاروائي ڪندي زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپارين سميت جوابدار احمد بوزدار رستماڻي کي گرفتار ڪري سندس خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آھي

راڄو ديرو ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي گٽڪا فروش جوابدار ياسين چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس وٽان Z-21 گٽڪا سوپاريون برآمد ڪيون جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.