Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اعجاز علي مسڻ ۽ مددگار 15 انچارج اشرف علي پنھور کي ساڻ ڪري شهر جو پيادل گشت ڪيو ويو
ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اعجاز علي مسڻ ۽ مددگار 15 انچارج اشرف علي پنھور کي ساڻ ڪري شهر جو پيادل گشت ڪيو ويو
ڊي ايس پي سٽي شھر جي مک ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ، نيو چونڪ، سينما چونڪ، شاھي بازار، ببر بازار ۽ موبائل مارڪيٽ جي وزٽ دوران سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن کي چيڪ ڪيو ۽ انهن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون.
پوليس آفيسرن گشت دوران دوڪاندارن ۽ شهرين سان به ملاقات ڪري انهن جي مسئلن بابت آگاهي ورتي ۽ کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڊي ايس پي دادو جو چوڻ هو ته امن امان جي بحال رکڻ لاءِ دادو پوليس طرفان سنجيده قدم کنيا ويا آھن رمضان المبارڪ جي دوران ڪاروباري سرگرمين کي نظر ۾ رکندي شهر جي بازارن ۽ اهم چوڪن تي اضافي پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
دادو پوليس پاران خصوصي پيٽرولنگ پلان جاري ڪندي شهر ۾ گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي. مددگار 15 پوليس کي به شھرين جي حفاظت فوري ريسپانس لاءِ وڌيڪ متحرڪ ڪيو ويو آهي.