Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي (PSP) بطور ايس ايس پي دادو پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ضلعي دادو جي نئين سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس طور عهدو سنڀالي پنھنجي ذميوارين جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي
ضلع دادو پوليس
پريس رليز، 28/3/2026
دادو: ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي (PSP) بطور ايس ايس پي دادو پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتو
ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ضلعي دادو جي نئين سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس طور عهدو سنڀالي پنھنجي ذميوارين جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي ضلعي جي سينيئر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن پاران سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو
ايس ايس پي آفيس دادو پهچڻ تي پوليس جي چاق و چوبند دستي طرفان کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ سلامي ڏني وئي
ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي ۾ امن امان جو قيام، ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ سندن پهرين ترجيح هوندي
هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو ويندو ۽ عوام جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.