Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پاران ٿاڻن ۾ پوليس نفري ۾ اضافو، امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدم

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 31/3/2026

*دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پاران ٿاڻن ۾ پوليس نفري ۾ اضافو، امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدم*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ پوليس ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدم کڻندي مختلف ٿاڻن ۾ 200 کان وڌيڪ پوليس نفري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود ريزرو پوليس نفري کي طلب ڪري سندن رول ڪال ڪئي، جنهن بعد کين ضلعي جي مختلف اهم ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو آهي تہ جيئن عوام کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي

رولڪال دوران ايس ايس پي دادو پوليس اهلڪارن جو ٽرن آئوٽ چيڪ ڪيو ۽ کين کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ پوليس جو بنيادي فرض عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي،

ايس ايس پي دادو وڌيڪ چيو تہ سڀئي اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري، فرض شناسي ۽ پيشہ ورانہ انداز ۾ سرانجام ڏين ۽ پوليس جي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.