Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو ون فائيو مددگار پوليس پاران فرض شناسيءَ جو عملي مظاھرو
دادو ون فائيو مددگار پوليس پاران فرض شناسيءَ جو عملي مظاھرو
گزريل رات شھباز ڪالوني واري علائقي مان 15 مددگار پوليس کي ڳالھائڻ کان قاصر ھڪ 4 سالن جي ٻارڙي لاوارث حالت ۾ ھٿ آئي جنھن کي پوليس پنھنجي حفاظت ۾ رکيو ۽ انچارج 15 مددگار دادو اشرف علي پنھور پاران پنھجي ٽيم سان گڏجي ٻارڙي جي وارثن جي ڳولا ڪئي وئي، ڪافي جستجو بعد ھٿ آيل ٻارڙي جي وارثن کي تلاش ڪيو ويو ۽ ھٿ آيل معصوم نياڻي کي صحيح سلامت سندس ناني سائين بخش شاھاڻي ويٺل ڇاڻو شاھ آباد جي حوالي ڪيو ويو، جنھن تي ٻارڙي جي وارثن پوليس جا ٿورا مڃيا. ٻئي پاسي ايس ايس پي دادو پاران پڻ انچارج 15 ۽ سندس ٽيم کي اھڙي عمل تي شاباشي ڏني وئي آھي.