Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي پوليس جون مؤثر ڪاروايون، گذريل هڪ هفتي دوران 55 روپوش ۽ اشتھاري جوابدار قانون جي گرفت ۾

ضلع دادو پوليس

پريس رليز۔ 9/4/2026

*دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي پوليس جون مؤثر ڪاروايون، گذريل هڪ هفتي دوران 55 روپوش ۽ اشتھاري جوابدار قانون جي گرفت ۾*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي خاص هدايتن تي روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاري مهم دوران دادو پوليس نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون

گذريل 8 ڏينهن دوران مختلف ٿاڻن پاران پوليس ڪارواين جي نتيجي ۾ مجموعي طور 55 جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو

انهن ڪارواين دوران 20 روپوش ۽ اشتھاري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو،

جڏهن تہ پوليس جي لڳاتار ۽ مؤثر ڇاپن جي نتيجي ۾ 35 روپوش جوابدارن عدالتن ۾ پيش ٿي ضمانتون حاصل ڪيون ۽ قانوني ڪاروائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو

گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار شامل آهن، جن ۾ قتل ڪيس جو جوابدار امتياز ڀرٽ، ڦر جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ارشاد سوڍر، انسدادٍ دهشتگردي ايڪٽ سميت ٻين ڏوهن جي 11 ڪيس ۾ روپوش جوابدار عبداللہ خشڪ، ڦر جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار ثاقب مهيسر ۽ امان الله لغاري سميت ٻيا شامل آهن

ايس ايس پي دادو لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي تہ ڏوهارين خلاف ڪاروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن تہ جيئن ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي

دادو پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر وقت ڪوشان آهي ۽ ڏوهن جي خاتمي تائين پنهنجون ڪاروايون جاري رکندي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.