Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون، چوري، ڦر، منشيات فروشي ۽ ڏوھارين جي سھولتڪاري ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار
ضلع دادو پوليس*
۲ جنوري ۲۰۲۵ع
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون، چوري، ڦر، منشيات فروشي ۽ ڏوھارين جي سھولتڪاري ۾ ملوث 5 جوابدار گرفتار،*
*ڪارواين ۾ چوري ۽ ڦر ٿيل 4 موٽرسائيڪلون، موبائل فون، سولر پليٽون، چوپايو مال، غيرقانوني ھٿيار ۽ منشيات ھٿ ڪئي وئي.*
تفصيل موجب:
ميھڙ ۾ ايس ايچ او بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار علي اصغر ٻرڙو کي گرفتار ڪري ورتو. ڪاروائي ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ شھري اظهار ميمڻ جي چوري ٿيل ون ٽو فاء موٽرسائيڪل ماڊل 2024 پڻ برآمد ڪئي وئي آهي. موٽرسائيڪل مالڪ پاران ايس ايچ او ۽ ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي.
دادو ۾ مددگار 15 انچارج شفيق احمد لنڊ ۽ سندس ٽيم پاران موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ واري اطلاع تي ڪاروائي ناڪابندي ڪري چوري ٿيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي ھڪ جوابدار وقار عرف وقو سولنگي به گرفتار، اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
دادو ۾ ون فائيو مددگار ۽ اي سيڪشن پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي غيرقانوني ھٿيار سميت ايڪٽيو ڏوھاري اعظم پنھور کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي
دادو لڳ جھلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق کھرو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي ڪجھ ڏينھن اڳ شھرين کان ڦر ٿيل ون ٽو فاء موٽرسائيڪل ۽ ھڪ موبائل فون برآمد ڪري ورتي، برآمد ڪيل گاڏي ۽ موبائل فون مالڪن روشن علي چانڊيو ۽ سعيد عمراني حوالي ڪيا ويا آھن
رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او رڪڻ فرمان علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ غازي فقير چانڊيو ۾ ڪاروائي اشتھاري ڏوھارين کي پناھ ڏيندڙ جوابدار جلال چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سيتا روڊ ۾ ايس ايڇ او سيتا روڊ دلي جان مگسي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي منشيات فروش سرفراز عرف منٺار سيال کي گرفتار ڪري ورتو قبضي مان 550 گرام چرس برآمد. جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
ميھڙ ۾ مددگار 15 انچارج فقير محمد برھماڻي ۽ سندس ٽيم ڪاروائي ڪندي شھرين جون چوري ٿيل 2 سولر پليٽون ھٿ ڪري ورتيون، برآمد ڪيل سولر پليٽون مالڪن سجاد ڀنگر ۽ مزمل ٿھيم جي حوالي ڪيون ويون آهن
دادو ڀرسان ڪچي ۾ اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جھانگير چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي ڪاروائي ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺاڻي علي خان ميتلو جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي
پٽ گل محمد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻي علي حسن لغاري جو پاڏو چوري ٿيڻ واري اطلاع تي پوليس جي ڪاروائي، ايس ايڇ او پٽ گل محمد عبدالمجيد بروھي ۽ پوليس پارٽي چورن جو پيڇو ڪري چوري ٿيل پاڏو برآمد ڪري ورتو، برآمد ڪيل پاڏو مالڪ حوالي ڪيو ويو آهي.