Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: اوور لوڊنگ خلاف ڪاروائيون جاري، وڌيڪ 10 گاڏين جا چالان 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو۔۔ مثبت نتيجا سامهون اچڻ لڳا

ضلع دادو پوليس

پريس ريليز - 24/4/2026

*دادو: اوور لوڊنگ خلاف ڪاروائيون جاري، وڌيڪ 10 گاڏين جا چالان 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو۔۔ مثبت نتيجا سامهون اچڻ لڳا*

دادو پوليس پاران ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ اوور لوڊ ۽ غير محفوظ بار کڻندڙ گاڏين خلاف جاري ڪریڪ ڊائون دوران وڌيڪ 10 اوور لوڊيڊ گاڏين جا چالان ڪيا ويا

ٽريفڪ پوليس ھائي وي تي ڪارواين دوران هر گاڏي تي 50 هزار رپيا جرمانو لاڳو ڪندي مجموعي طور 5 لک رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا

*جڏهن تہ اوور لوڊنگ خلاف لڳاتار ۽ مؤثر ڪارواين جي نتيجي ۾ ضلعي ۾ مثبت تبديليون سامهون اچي رهيون آهن*

اوور لوڊنگ ۾ ملوث ماڻھن، خاص ڪري بھ جي ڪاروبار سان سلهاڙيل واپارين هاڻي جديد طريقو اختيار ڪندي بُھ جون ڳٺڙيون ٺاهڻ واريون مشينون لڳائي ڇڏيون آهن

انهن مشينن ذريعي بُھ کي ڳٺڙين جي صورت ۾ محفوظ ۽ متوازن انداز سان ٽرڪن ۽ ٽرالين ۾ لوڊ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان اوور لوڊنگ واري خلاف ورزي ۾ واضع گهٽتائي آئي آهي

اهي مشينون ضلعي جي مختلف هنڌن تي لڳايون ويون آهن جيڪي روڊ سيفٽي جي حوالي سان هڪ خوش آئند ۽ مثبت اڳڀرائي آهي.

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي* جو چوڻ آهي ته دادو پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اھڙا اپاءَ وٺندي رھندي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.