Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ميهڙ واسي واپاري پھلوان کوسو جي گهر مان ڌاڙي وارو ڪيس حل، جوابدار گرفتار، ڦر ڪيل لکين رپيا روڪ رقم ۽ هٿيار هٿ
ڊسٽرڪٽ دادو پوليس*
مورخہ، 27/11/2024
*دادو: ميهڙ واسي واپاري پھلوان کوسو جي گهر مان ڌاڙي وارو ڪيس حل، جوابدار گرفتار، ڦر ڪيل لکين رپيا روڪ رقم ۽ هٿيار هٿ*
ميهڙ ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا هڻندڙ گروھ خلاف پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪجھ ڏينهن اڳ شهري پہلوان کوسو جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ گروھ کي گرفتار ڪري ورتو آهي
تاريخ 02/11/2024 تي ميهڙ ٻيٽو روڊ تي درگاه حاجن شاھ ڀرسان واپاري پهلوان کوسو جي گهر مان ڌاڙي جي واردات رپورٽ ٿي هئي, گهر مالڪ جي فرياد تي ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي ۾ نامعلوم جوابدارن خلاف گناھ نمبر 354/2024 قلم 395 PPC تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي.
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڦر ڪيل ملڪيت هٿ ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي ميھڙ وقاص اڪبر دراني جي اڳواڻي ۾ خصوصي ٽيم جوڙي پوليس کي متحرڪ ڪيو
ان ڏس ۾ جاچ ٽيم مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، سرچ آپريشن ڪيا ۽ ڪجھ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي
ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ميهڙ وقاص اڪبر دراني جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او ميهڙ اي سيڪشن اڪبر علي چنا، ايس ايڇ او ميهڙ بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو، سي آءِ اي ميهڙ انچارج بشير احمد لاکير، سوڍل سولنگي ۽ مددگار 15 انچارج فقیر محمد برھماڻي پيشيوراڻا صلاحيتن ۽ ٽيڪنيڪل ذريعن ذريعي واردات ۾ ملوث گينگ جو پتو لڳايو ۽ مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪري گينگ جي ٻن اهم ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي
گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ *واجد ولد مهراڻ ڏيپر ويٺل ڪوهري ڏيپر ۽ صابر ولد غلام فريد چانڊيو ويٺل سوجھرو ميرواڻي تعلقه ميهڙ طور ٿي آهي*
گرفتار جوابدارن ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، *سندن قبضي مان پهلوان کوسو جي گهر مان ڦر ڪيل 4 لک رپيا روڪ برآمد ڪيا ويا آهن*
*ان کان علاوه جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ڪيل هٿيار، 2 پستول پڻ هٿ ڪيا ويا آهن*، ٻنهي جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت جدا ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن
جڏهن ته جوابدار عادي ڏوهاري آهن جن خلاف دادو سميت قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڄامشوري جي مختلف ٿاڻن ۾ داخل ٿيل ڦر، قتل ۽ پوليس مقابلن جي ڪيسن جو رڪارڊ پڻ حاصل ٿيو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.
1. FIR#. 389/2024 u/s 324, 353 PPC PS Mehar
2. FIR#. 07/2017 u/s 392 PPC PS Fareedabad
3. FIR#. 51/2013 u/s 324 PPC PS Mehar
4. FIR#. 31/2021 u/s 302 PPC PS Fareedabad
5. FIR#. 62/2022 u/s 397, 324 PPC PS Kotri
6. FIR#. 84/2021 u/s 324, 353. 401, 399 PPC PS Wareh
7. FIR#. 381/2024 u/s 324, 353 PPC PS Mehar
8. FIR#. 354/2024 u/s 395 PPC PS Mehar