Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي قیادت ۾ دادو پوليس جي ھڪ وڌيڪ ڪامياب ڪاروائي، نوجوان جي بلائنڈ مرڈر وارو معاملو حل، واردات ۾ مقتول جو سڳو ڀاءُ ملوث نڪتو

ضلع دادو پولیس

پریس ریلیز۔ 9/5/2025

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي قیادت ۾ دادو پوليس جي ھڪ وڌيڪ ڪامياب ڪاروائي، نوجوان جي بلائنڈ مرڈر وارو معاملو حل، واردات ۾ مقتول جو سڳو ڀاءُ ملوث نڪتو*

ٻہ ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 17 ورهين جي نوجوان حسنين علي ميڻو جي انڌي قتل وارو ڪيس حل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي

مقتول حسنين علي ميڻو جو لاش دادو ويجهو ڪچي واري علائقي سيدپور ٿاڻي جي حد ۾ ھٿ آيو ھيو جنهن جي ڳچيءَ تي گهرا زخم جا نشان هئا

واقعي جي حساسيت کي ڏسندي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي فوري نوٽيس وٺي ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ هڪ خاص جاچ ٽيم جوڙي، جنهن ۾ ايس ايڇ او سيدپور خير محمد سمون، انچارج سي آءِ اي سب انسپيڪٽر سجاد علي جمالی ۽ انچارج ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل رانا آصف راجپوت شامل هئا

تحقيقاتي ٽيم جديد جاچ جي طريقيڪار ۽ پيشه ورانه مھارت سان مختصر وقت ۾ ڪيس کي حل ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو۔ حيرت انگيز طور تي واردات ۾ مقتول جو سڳو وڏو ڀاءُ راجا علي ميڻو ملوث نڪتو، جنهن جاچ دوران ڏوھ جو اعتراف به ڪيو آھي

مقتول کي چاقو سان وار ڪري ڳچيءَ تي ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو، بي رحم جوابدار پنهنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪيو، پوليس جوابدار جي نشاندهيءَ تي قتل لاءِ استعمال ٿيل چاقو به هٿ ڪري ورتو آهي

جڏھن تہ، جوابدار اڃا تائين قتل جو سبب ٻڌائڻ ۾ ٽال مٽول ڪري رهيو آهي جنهن کان سبب ڄاڻڻ لاءِ پوليس پاران وڌيڪ جاچ جاري آهي

مقتول جي ماءُ جي فرياد تي واقعي جو ڪيس سيدپور ٿاڻي تي گناھ نمبر 1/2025 قلم 302 تعزيرات پاڪستان تحت داخل ڪيو ويو آهي۔


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.