Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ڊيوٽي چور ملازمن خلاف ايس ايس پي دادو جو وڏو ايڪشن، چار اهلڪار نوڪري مان فارغ
ضلعو دادو پوليس
تاريخ: 10-6-2025
*ڊيوٽي چور ملازمن خلاف ايس ايس پي دادو جو وڏو ايڪشن، چار اهلڪار نوڪري مان فارغ*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي اداري اندر نظم و ضبط قائم رکڻ لاءِ سرڪاري ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي، ڊيوٽيءَ کان لڳاتار غيرحاضري تي چار اهلڪارن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي
نوڪريءَ مان برطرف ڪيل اهلڪارن ۾:
• ڪانسٽيبل نمبر 1476 زاهد حسين لنڊ
• ڪانسٽيبل نمبر 1342 خادم حسين شيخ
• ڪانسٽيبل نمبر 863 ڪامران سرور سيال
• ڪانسٽيبل نمبر 1574 ولي محمد سولنگي شامل آهن
چارئي اهلڪار ڪيترن ئي مهينن کان سرڪاري ڊيوٽيءَ تان غير حاضر هئا جن کي وقتاً فوقتاً نوٽيس به جاري ڪيا ويا ھئا پر اهي حاضر نه ٿيا.
ايس ايس پي دادو چيو آهي ته پوليس فورس هڪ ڊسيپلن ادارو آهي ۽ ان ۾ ڪا به لاپرواهي يا غفلت ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي.