Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: جوهي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ قتل ڪيل نوجوان آصف مغيري واري ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي، مُک جوابدار گرفتار واردات ۾ استعمال ڪيل ھٿيار به ھٿ
ضلع دادو پوليس*
مورخہ، 1 جنوري 2025
*دادو: جوهي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ قتل ڪيل نوجوان آصف مغيري واري ڪيس ۾ اھم اڳڀرائي، مُک جوابدار گرفتار واردات ۾ استعمال ڪيل ھٿيار به ھٿ*
جوهي ۾ هڪ هفتو اڳ سڱاوتي مسئلي تان پيش آيل واقعي جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي نوٽيس وٺندي حد جي پوليس کي قاتلن جي جلد گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا ھئا
نوجوان آصف مغيري جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي جوهي ٿاڻي تي قلم گناھ نمبر 168/2024 قلم 302، 148، 149 PPC تحت داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي
ان ڏسُ ۾، ڊي ايس پي جوهي نذير احمد ملاح جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او جوهي محسن علي جمالي پوليس پارٽي ساڻ ڪارروائي ڪندي قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار غلام علي ولد شيرالدین مغيري کي گرفتار ڪري ورتو آهي
گرفتار جوابدار جي قبضي مان واقعي ۾ استعمال ڪيل پستول پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جو اسلحہ ايڪٽ تحت جدا ڪيس پڻ جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي