Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پولیس جو امن امان لاءِ اهم قدم… شهيد پوليس آفيسر جي نالي سان چيڪ پوسٽ قائم، ايس ايس پي دادو پاران افتتاح

دادو پولیس جو امن امان لاءِ اهم قدم… شهيد پوليس آفيسر جي نالي سان چيڪ پوسٽ قائم، ايس ايس پي دادو پاران افتتاح

ضلعي دادو ۾ امن امان جي بهتري ۽ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ دادو پوليس مصروفِ عمل آهي، ان سلسلي ۾ دادو شهر ويجهو مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ڦلجي لنڪ روڊ تي اھم پوائنٽ ٻٻر چارو وٽ پوليس چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وئي آهي

هن چيڪ پوسٽ کي *شهيد انسپيڪٽر غلام مرتضیٰ ميمڻ* جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي

چيڪ پوسٽ جو افتتاح *ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي صاحب* ڪيو جڏھن تہ افتتاحي تقريب ۾ علائقي جي معززين، سماجي ڪارڪنن، رهواسين ۽ خاص طور تي شهيد جي فرزند محمد يوسف ميمڻ جيڪو هاڻي پاڻ به دادو پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي شرڪت ڪئي

ان کان علاوه مخدوم بلاول ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبيدالله موبيجو پڻ موجود هيو جنھن چيڪ پوسٽ جي اهميت ۽ نگراني بابت تفصيلي بريفنگ ڏني

هي چيڪ پوسٽ دادو سٽي ڏانهن ايندڙ اهم پوائنٽ تي قائم ڪئي وئي آهي جتان ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن جي سوين ڳوٺن ۽ ننڍن شھرن جي ماڻهن جو گذر ٿيندو آھي هن اھم اسٽريٽجڪ هنڌ تي چيڪ پوسٽ جو قيام امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بھتر بڻائيندو ۽ ڏوهن جي روڪٿام ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو چيڪ پوسٽ تي 24 ڪلاڪ موجود پوليس عملو مقرر ڪيو ويو

تقريب ۾ خطاب ڪندي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي چيو تہ دادو پوليس امن امان قائم رکڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رھي آھي عوام جي تعاون سان ئي مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ خوشي آهي ته عوام هر وقت پوليس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.

ايس ايس پي دادو وڌيڪ چيو تہ شهيد اسان جو فخر آهن، ۽ هن چيڪ پوسٽ جو قيام نہ صرف شهيد کي ڀيٽا آهي پر ايندڙ نسلن لاءِ بہ هڪ يادگار ثابت ٿيندو

ٻئي پاسي شهيد انسپيڪٽر غلام مرتضیٰ ميمڻ جي فرزند سب انسپيڪٽر محمد يوسف ميمڻ پڻ پنهنجي والد جي قرباني تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته هو به فرض شناسي سان عوام جي خدمت جاري رکندو ۽ ايس ايس پي دادو جو شڪرگذار آهي جن سندس والد جي نالي سان چيڪ پوسٽ قائم ڪري مانُ بخشيو.

ان کان اڳ ايس ايس پي دادو جي اچڻ تي علائقي واسين طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو دادو پوليس ۽ ايس ايس پي دادو جي حق ۾ نعرا هنيا ويا علائقي واسين ايس ايس پي دادو کي سنڌي ثقافتي ٽوپي، اجرڪ ۽ هار پهرائي سندن امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيڪ پوسٽ جي قيام کي سٺو قدم قرار ڏنو.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.