Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

واپارين کان ڀتو طلب ڪندڙ گروهه خلاف دادو پوليس جي ڪارروائي، ڪيس داخل، ڀتا خور گرفتار

ڊسٽرڪٽ دادو پوليس*

پريس رليز 21/11/2024

*واپارين کان ڀتو طلب ڪندڙ گروهه خلاف دادو پوليس جي ڪارروائي، ڪيس داخل، ڀتا خور گرفتار*

ان ڏس ۾ ڊي ايس پي ڪي اين شاھ سرفراز حسين منگي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تہ

خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڪڪڙ ۾ ڪريانه جي هول سيلر واپاري عبدالجبار قريشي کي جوابدارن پاران ڌمڪيون ڏئي 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪرڻ جو معاملو رپورٽ ٿيو هيو.

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي واپاري جي شڪايت جو فوري نوٽيس وٺندي پوليس کي واپاري جو تحفظ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ خصوصی ٽيم جوڙي ڪاروائي لاءِ متحرڪ ڪيو

ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي ڪي اين شاھ سرفراز حسين منگي جي اڳواڻي ۾ ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل انچارج آصف علي راجپوت، سي آءِ اي انچارج گلشن علي مهر ۽ ڪڪڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد سومرو تي مشتمل ٽيم جوڙي کين جوابدارن جي جلد گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو.

ڄاڻايل ٽيم پيشيورانه مھارت ۽ ٽيڪنيڪل توڙي انٽيليجنس ڊيٽا ذريعي سخت محنت بعد ڄاڻايل ڏوھ ۾ ملوث مک جوابدار صدام حسين ولد وزير آرائين کي گرفتار ڪيو.

حراست ورتل جوابدار ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ انڪشاف به متوقع آهن.

جڏهن ته واپاري جي فرياد تي ڪڪڙ ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف ڪيس ۾ پڻ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڀتا خوري، ڌمڪيون ۽ دهشتگردي ايڪٽ وارا قلم شامل آهن.

ھوڏانھن ڪيس جي فريادي سميت چیمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري صدر زبير احمد ڀرٽ، اقبال احمد چارڻ ۽ ٻين واپارين ايس ايس پي آفس اچي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي ۽ ٽيم کي ھار پارايا ۽ پوليس ڪارڪردگيءَ تي اطمينان جو اظھار ڪندي ڪيس تي ڪم ڪندڙ ٽيم جي تعريف ڪئي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.