Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون،
ضلع دادو پوليس
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون،*
*مختلف ڪاروائين دوران شهرين جون 3 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ 10 موبائل فونون برآمد ڪيون ويون.*
ڪڪڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪَڪَڙ پوليس ڏوھارين خلاف ڪارواين دوران 3 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ورتيون ضروري ڪاروائي بعد ھٿ ڪيل موٽرسائيڪلون اصل مالڪن عبدالوحيد کوکر، بشير کوکر ۽ تابش جوڻيجو حوالي ڪيون ويون آھن.
ايس ايڇ او ٿاڻو رڪڻ طارق حسين لاکير ڪجھ ڏينهن اڳ سيتا روڊ ٿاڻي جي حد مان شھرين، مڪيش اوڏ ۽ حفيظ الرحمان کان ڦر ٿيل موبائل فونون برآمد ڪري ورتيون جيڪي اصل مالڪن حوالي ڪيون ويون آھن
ٻئي پاسي
موبائل فون گمشدگي جي درخواستن تي ڊيٽابيس تي ٻڌل ڪارواين ذريعي ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل انچارج رانا آصف علي راجپوت ۽ ٽيم شهرين جون 8 گم ٿيل موبائل فون برآمد ڪرائي ورتيون
هٿ ڪيل موبائل فون اصل مالڪن علي اصغر ملاح، مفيد ناريجو، الھورایو ڪابورو، نواب جيسر، آصف علي پنھور، آصف علي سخيراڻي ۽ نور محمد ڪنڀر حوالي ڪيون ويون آھن
ان موقعي تي شهرين دادرسي ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي پوليس ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ايس ايس پي دادو سميت سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.